اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت شهرين جي سهولت لاءِ پاسپورٽ سسٽم ۾ وڏي تبديلي آڻيندي گهر ويٺي پاسپورٽ اپلائي ڪرڻ جي سهولت ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ڊي جي پاسپورٽس محمد علي رنڌاوا جي صدارت هيٺ ٿيل هڪ اهم اجلاس ۾ نادرا جي ٽيڪنيڪل ٽيم شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پاسپورٽ جي موجودا نظام کي جديد گهرجن پٽاندر بڻائڻ لاءِ اهم فيصلن جي منظوري ڏني وئي.
اجلاس ۾ گهرو وزير جي ويزن تحت نئين ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائڻ ۽ موجودا پاليسين کي ڊجيٽل نظام تحت اپڊيٽ ڪرڻ تي بريفنگ ڏني وئي.
هن نئين سهولت تحت شهرين کي هاڻي پاسپورٽ آفيسن جا چڪر لڳائڻ ۽ ڊگهين قطارن ۾ بيهڻ جي ضرورت نه پوندي، پر هو آن لائن پنهنجون درخواستون جمع ڪرائي سگهندا.
ڊي جي پاسپورٽس جو چوڻ هو ته هن قدم جو مقصد سسٽم کي وڌيڪ شفاف بڻائڻ ۽ شهرين جي وقت ۽ پئسي جي بچت ڪرڻ آهي.