ڊگھڙي (ن ع آ) ڊگهڙي ۾ پي پي ايڇ آءِ آفيس مان دوائن جي مبينا چوري ۽ رڪارڊ ۾ بي ضابطگين جو انڪشاف ٿيو آهي، ان سلسلي ۾ ڊگھڙي ٿاڻي تي داخل ڪيل ايف آءِ آر نمبر 67/2026 موجب ڊسٽرڪٽ مينيجر دليپ ڪمار موقف اختيار ڪيو آهي ته جون 2025 دوران اداري جي اسٽور مان وڏي مقدار ۾ دوائون غائب ٿي ويون۔رپورٽ موجب غائب ٿيل دوائن ۾ پيناڊول، مختلف قسمن جون اينٽي بايوٽڪس، ميٽرو نائڊازول ۽ ڊائڪلو فيناڪ سميت ٻيون اهم دوائون شامل آهن، جن جي ڪل ماليت 90 لک رپين کان وڌيڪ ٻڌائي وئي آهي، مدعي موجب کاتي جي انڪوائري دوران اها ڳالھ سامهون آئي ته اسٽور مان دوائن جي غائب ٿيڻ ۾ اسٽور مينيجر سيد حماد حسين، اسسٽنٽ اسٽور مينيجر حافظ محمد ڪاشف، شاهنواز ڪوري ۽ انيل ڪمار جي ملوث هجڻ جو شڪ آهي، جن مبينا طور گڏجي دوائون خرد برد ڪيون. ذريعن موجب ڪجھ جوابدارن بعد ۾ پنهنجي نوڪري تان استعيفيٰ پڻ ڏئي ڇڏيو آهي، پوليس موجب ڪيس ۾ تعزيراتِ پاڪستان جون دفعا 406، 407، 381 ۽ 34 شامل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪيس جي جاچ انسپيڪٽر محمد حسن چانگ حوالي ڪئي وئي آهي، جيڪو وڌيڪ حقيقتون سامهون آڻڻ لاءِ ڪارروائي جاري آهي.