سکر(رپورٽ:اظھر علي دايو) سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي وهڪرن جي صورتحال ڳڻتي جوڳي، ڪوٽڙي کان هيٺ وهڪرو بند۔انڊس ڊيلٽا ۾ واري اڏامڻ لڳي آبادگار پريشان۔ڪوٽڙي بيراج کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري درياھ مان واري اڏامڻ لڳي آهي جڏهن ته زرعي پاڻي نه ملڻ سبب ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ علائقن جا آبادگار سخت پريشان آهن فصلن جي ٻيجاري لاءِ پاڻي جي عدم فراهمي سبب خشڪ سالي وارو ماحول آهي ان سلسلي ۾ ملڪ جي مختلف دريائن، ڊيمز ۽ بئراجن ۾ پاڻي جي وهڪرن بابت جاري ڪيل تازي انگن اکرن موجب مجموعي صورتحال هن وقت مستحڪم ٻڌائي پئي وڃي، جڏهن ته ڪٿي ڪٿي پاڻي جي سطح ۾ معمولي واڌ ٿي آهي ان ڏس ۾ آبپاشي کاتي سکر بيئراج ڪنٽرول روم مان جاري ڪيل انگ اکرن موجب اسڪردو ۾ گرمي پد 21.7 ڊگري سينٽي گريڊ ۽ گهٽ ۾ گهٽ 11.1 ڊگري رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب برف ڳرڻ جو عمل آهستي آهستي جاري آهي۔ تربیلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1460.69 فٽ تي آهي جڏهن ته 50 هزار مان 40 هزار 500 ڪيوسڪ پاڻي ذخيرو موجود آهي، جيڪو محفوظ حدن اندر آهي۔ڪابل درياهه ۾ 30 هزار 200 ڪيوسڪ وهڪرو رڪارڊ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪالا باغ وٽ پاڻي جي آمد 84 هزار 166 ۽ نيڪال 78 هزار 666 ڪيوسڪ رهيو، جنهن سان 5 هزار 500 ڪيوسڪ جو اضافو ٿيو آهي۔ چشما بئراج تي پاڻي جي سطح 647.2 فٽ ۽ آمد 91 هزار 411 ڪيوسڪ جڏهن ته اخراج 84 هزار ڪيوسڪ رهيو۔اهڙي ريت منگلا ڊيم ۾ پاڻي جي سطح 1161.35 فٽ رڪارڊ ڪئي وئي، جتي ذخيرو مقرر حد کان ٿورو وڌيڪ آهي۔ مختلف لنڪ ڪينالن ذريعي آبپاشي لاءِ پاڻي جي فراهمي جاري آهي، جنهن ۾ سي جي لنڪ 6400، سي آر بي سي 3532، ٽي پي 7467، ايم جي 5000، ڊي جي 5300 ۽ ڪڇي ڪينال ۾ 500 ڪيوسڪ پاڻي ڇڏيو پيو وڃي۔سنڌ جي بئراجن مان گڊو تي پاڻي جي آمد 46 هزار 838 ۽ اخراج 46 هزار 122 ڪيوسڪ رڪارڊ ٿيو، جڏهن ته سکر بئراج تي 45 هزار 15 ڪيوسڪ آمد مان رڳو 13 هزار 5 ڪيوسڪ ڇڏيو پيو وڃي، باقي پاڻي مختلف ڪينالن ۾ ورهايو پيو وڃي۔جڏهن ته ڪوٽڙي بئراج تي صورتحال اهم آهي جتي 9 هزار 475 ڪيوسڪ پاڻي اچڻ باوجود هيٺ ڪو به اخراج ناهي ڪيو ويو، جنهن سبب سمنڊ ڏانهن پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي۔ ماهرن موجب هي صورتحال ڊيلٽا علائقن لاءِ خدشن جو سبب بڻجي سگهي ٿي۔رپورٽ موجب هن وقت مجموعي طور پاڻي جي وهڪرن ۾ ڪو به هنگامي خطرو نظر نٿو اچي، جڏهن ته لاڳاپيل ادارا صورتحال تي ويجهي نظر رکي رهيا آهن۔ٻئي پاسي ڪوٽڙي بيئراج کان هيٺ پاڻي نه ڇڏڻ ڪري درياھ مان واري اڏمڻ لڳي آهي جڏهن ته زرعي پاڻي نه ملڻ سبب ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ علائقن جا آبادگار سخت پريشان آهن فصلن جي ٻيجاري لاء پاڻي جي عدم فراهمي سبب خشڪ سالي وارو ماحول آهي۔سنڌو درياھ جي پڇڙي جي آبادگارن آبپاشي کاتي سنڌ جي اختيارن کان پاڻي فراهمي جو مطالبو ڪيو آهي.
ڪراچي ۾ پاڻي بحران سنگين، سخت گرمي سبب صورتحال وڌيڪ خراب
ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي شهر ۾ پاڻي جو بحران ختم نه ٿي سگهيو، جتي مختلف علائقن ۾ گذريل 15 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند پيل آهي، ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي لائن نمبر 2 جي مرمتي ڪم کي 10 ڏينهن گذرڻ باوجود مڪمل نه ڪيو ويو جنهن سبب ڪورنگي، لانڍي، گلشن اقبال، گلستان جوهر، گلبرگ، لياقت آباد، ناظم آباد، پي آءِ بي ڪالوني، اولڊ سٽي ايريا ۽ محمود آباد سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي سخت متاثر ٿي آهي، شهرين کي پاڻي خريد ڪري ضرورتون پوريون ڪرڻيون پئجي رهيون آهن، واٽر ڪارپوريشن موجب لائن نمبر 2 جي مرمت ايندڙ 24 ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي ۽ شهر کي روزانو 610 ايم جي ڊي پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪجهه حصن ۾ عارضي کوٽ آهي، جيڪا جلد ختم ٿيڻ جي اميد آهي، جڏهن ته رهواسين جو چوڻ آهي ته اسان جي علائقن ۾ ڪيترن ڏينهن کان پاڻي جو بحران آهي، انتظاميا پاران صرف آسرا ڏنا پيا وڃن، هڪ ته بجلي لوڊشيڊنگ ۽ گرمي لاهه ڪڍي ڇڏيا آهن ته ٻئي پاسي پاڻي جي کوٽ سبب جيئڻ حرام ٿي ويو آهي.
ڪراچي پاڻي کوٽ ۽ بدانتظامي کي منهن پيو ڏئي: منعم ظفر
ڪراچي (رپورٽر) جماعت اسلامي ڪراچي جي امير منعم ظفر سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڄ اسان سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ خلاف درخواست داخل ڪئي، سنڌ حڪومت هي ادارو ٺاهيو آهي ۽ سڀ فنڊ ضبط ڪيا آه،.سڀني ادارن کي صوبائي تحويل ۾ ورتو ويو آهي.ان وقت، 2014 ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ ادارو ٺاهيو ويو هو، اڄ صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي، سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ عملي طور تي ڪو به ڪم نه ڪري رهيو آهي.اسان صورتحال کي خراب ٿيندي ڏسي رهيا آهيون.نه ته اهي ماڻهو صفائي جي ڪم ۾ ڪجهه ڪري سگهيا آهن ۽ نه ئي شهر جي روڊن جي حالت بهتر ٿي آهي.نونهن ڏينهن جي الٽيميٽم جي باوجود، ڪو خاص قدم نه کنيو ويو آهي، منعم ظفر چيو ته ان جو بجيٽ انتيس ارب رپيا آهي.سنڌ حڪومت هڪ ارب کان وڌيڪ ڏنو آهي، ورلڊ بينڪ جو وڏو حصو پڻ هن اداري کي ڏنو ويو آهي.انهن ماڻهن کي ڪچري کي توانائي ۾ تبديل ڪرڻ جو ڪم ڪرڻو هو، لينڊ فل سائيٽ تي هر هنڌ ڪچرو آهي، پيپلز پارٽي ڪرپشن جو جبل پڙهي رهي آهي ان ۾ آهي سڀ کان وڌيڪ ڪرپٽ ڪير آهي، هن شهر ۾ ڪا به بهتري نظر نٿي اچي، هن اداري جو ڪل بجيٽ 43 ارب رپيا آهي.هر يونين ڪائونسل کي هڪ ڏينهن لاءِ ٽي کان 4 لک ملندا آهن، لياري نديءَ جي پاسي ڊمپنگ پوائنٽ ٺاهيا ويا آهن.اسان مطالبو ڪريون ٿا ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ کي ختم ڪيو وڃي جيڪي معاهدا ڪيا ويا آهن انهن کي ٻيهر تعمير ڪيو وڃي.اربون رپيا ان رقم کان به وڌيڪ ڪيا وڃن جيڪا ڪراچي جي ميئر ڪي-اليڪٽرڪ بلن ۾ رکي آهي.اسان انهن ظالم حڪمرانن خلاف هر هنڌ احتجاج ڪنداسين، ڪراچيءَ جي حقن لاءِ هي تحريڪ جاري رهندي، پي پي پي کي گذريل ارڙنهن سالن جو حساب ڏيڻو پوندو.
سنڌ ۾ 11 مئي تائين سخت گرمي جي اڳڪٿي
ڪراچي (رپورٽر) موسميات کاتي سنڌ ۾ سخت هيٽ ويو جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته وچولي ۽ مٿانهين علائقن ۾ 11 مئي تائين شديد گرمي جاري رهندي، دادو، جيڪب آباد، لاڙڪاڻو ۽ سکر ۾ گرمي پد 49 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو، جڏهن ته گهوٽڪي، خيرپور ۽ نوشهروفيروز ۾ به 47 کان 49 ڊگري تائين گرمي جو امڪان آهي، ڪراچي ۾ ايندڙ ٽن ڏينهن تائين موسم گرم ۽ گهميل رهندي، جتي گرمي پد 35 کان 37 ڊگري تائين رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 55 کان 85 سيڪڙو تائين رهڻ سبب گرمي وڌيڪ محسوس ٿيندي، موسميات کاتي شهرين کي صلاح ڏني آهي ته سخت گرمي ۾ غير ضروري طور ٻاهر نڪرڻ کان پاسو ڪن ۽ پاڻي جو وڌيڪ استعمال ڪن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ طرفان بجلي لوڊشيڊنگ خلاف درخواست منظور
ڪراچي (رپورٽر)سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جماعت اسلامي جي ٽائون چيئرمينن طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ خلاف درخواست کي ٻڌڻي لاءِ منظور ڪري ورتو، عدالت نيپرا ۽ ٻين ڌرين کان ٻن هفتن اندر رپورٽون طلب ڪري ورتيون آهن، درخواست گذار جي وڪيل چيو ته شهر ۾ سخت گرمي ۾ ڊگهي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، شهر ۾ بجلي جي کوٽ سبب موت جا واقعا رپورٽ ٿي رهيا آهن، ڪي اليڪٽرڪ پنهنجي جاري ڪيل شيڊول جي خلاف ڊگهي ۽ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ڪري رهي آهي، عدالت نيپرا کي درخواستگذارن جي شڪايت تي فيصلو ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، وڪيل چيو ته نيپرا اڃا تائين شڪايت تي فيصلو نه ڪيو آهي.