ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ سخت گرمي سبب گيسٽرو جي ڪيسن ۾ غيرمعمولي واڌ ڏٺي وئي جتي روزانو 150 کان وڌيڪ مريض جناح اسپتال پهچڻ لڳا، اسپتال اختيارين موجب عام ڏينهن ۾ پيٽ جي بيمارين جا مريض لڳ ڀڳ 50 هوندا هئا پر هاڻي انهن جي انگ ۾ ڪيترائي ڀيرا واڌ ٿي وئي، مريض الٽين، دستن، پيٽ جي سور ۽ ڊائريا جهڙين شڪايتن سان اسپتال اچي رهيا آهن، طبي ماهرن موجب شهرين کي صاف ۽ اُٻاريل پاڻي استعمال ڪرڻ گهرجي، باسي ۽ کليل کاڌي کان پاسو ڪيو وڃي، کاڌي کان اڳ هٿ ضرور ڌوئڻ گهرجن ۽ صفائي جو خاص خيال رکڻ گهرجي، گرمي ۾ گهڻو پاڻي، او آر ايس ۽ مناسب مشروبات جو استعمال ڪيو وڃي.