ڪراچي (رپورٽر) بلاول هائوس ويجهو وي آءِ پي موومينٽ دوران سخت سيڪيورٽي انتظامن جي باوجود شهرين پروٽوڪول ٽوڙي ڇڏيو، جنهن واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي، گذريل ڏينهن وي آءِ پي موومينٽ سبب علائقي ۾ 15 کان 20 منٽن تائين ٽريفڪ معطل رهي، جنهن ڪري شهرين کي سخت تڪليف پيش آئي، ٽريفڪ بندش تي ڪجهه شهري مڇرجي پيا ۽ پوليس طرفان لڳايل رڪاوٽون ٽوڙي پنهنجون گاڏيون اڳتي وڌايون، جنهن سان سيڪيورٽي انتظام متاثر ٿيا، واقعي دوران سيڪيورٽي اهلڪارن گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر صورتحال ڪجهه دير لاءِ ڳنڀير ٿي وئي، وائرل وڊيو ۾ شهرين کي رڪاوٽن کي پار ڪندي ڏسي سگهجي ٿو.