حيدرآباد(رپورٽر) حيدرآباد ۾ 8 سال اڳ پسند جي شادي ڪندڙ عورت کي مڙس فائرنگ ڪري قتل ڪرڻ کان پوءِ فرار ٿي ويو، پوليس جو چوڻ هو ته شروعاتي جاچ ۾ واقعو گھرو اڻبڻت سبب پيش آيو، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته ڦليلي ٿاڻي جي حد اوڊين سئنيما لڳ اسلام آباد پاڙي ۾ پلازا جي ھڪ فليٽ مان 25 سالن جي ماھ نور مگسي زال بلال شاھ جو گولي لڳل لاش هٿ آيو، اطلاع تي پوليس پهچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتان پوسٽ مارٽم ڪرائي وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ هو ته عورت جي وارثن جو چوڻ آهي ته ماھ نور کي مڙس قتل ڪيو آھي، جنھن بابت جاچ ڪئي پئي وڃي، مقتولا عورت جو مڙس ۽ ان جي پھرين گھرواري واقعي کان پوءِ گھر ڇڏي فرار ٿي ويا آهن جن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، ٻئي طرف مقتولا عورت جي پيءُ نظير احمد مگسي اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته ھو ايڌي فائونڊيشن ۾ ايمبولينس ڊرائيور آھي، سندس ڌيءَ ماھ نور 2018 ۾ گھران نڪري بلال شاھ سان پسند جي شادي ڪئي ھئي، ان عمل تي اسان ناراض ھئاسين پر ٻه اڍائي سالن کانپوءِ ڌيءَ جي شادي واري عمل کي قبول ڪيو ۽ پوءِ اچ وڃ شروع ٿي، ھن چيو ته بلال شاھ کي ڌيءَ مان ھڪ پنجن سالن جو پٽ ذوالقرنين به آھي، شادي جي ڪجھه وقت کانپوءِ مڙس ھن کي مارڪٽ ڪرڻ شروع ڪئي ۽ پوءِ اھو روز جو معمول بڻجي ويو، زال مڙس وچ ۾ اڪثر جھيڙا به ٿيندا ھئا، ڌيءَ ۽ مان ڪيترائي ڀيرا شڪايتون کڻي ڦليلي ٿاڻي تي به وياسين پر پوليس ھر ڀيري ٽال مٽول ڪري زال مڙس جو جھيڙو ڄاڻي واپس ڪري ڇڏيندي هئي، ھن ٻڌايو ته سندس نياڻو منشيات جو عادي ۽ ڪاروبار به ڪندو آھي ھن مٿان ڪيترائي ڪيس پڻ داخل ٿيل آھن ۽ پوليس پاران ھاف فرائي پڻ ٿيل آهي، ھن چيو ته گذريل رات دير سان منھنجي ڀاءُ کي بلال فون ڪري گھر گھرايو جتي ماھ نور جو گولي لڳل لاش پيل ھو، ان تي پوليس کي اطلاع ڏنو ويو جنھن جي اچڻ کان اڳ ئي جوابدار پھرين گھرواري کي ساڻ ڪري فرار ٿي ويو.