رپورٽن موجب مشهور آرٽسٽ ۽ سماجي ڪارڪن شيما ڪرمانيءَ کي رٿيل پريس ڪانفرنس ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ پريس ڪلب ڪراچي جي آڏو پوليس اٽالي کي طلب ڪيو ويو ۽ جيئن ئي شيما ڪرماني سميت ڪجهه سڄاڻ عورتون پريس ڪانفرنس ۾ شرڪت لاءِ پهتيون ته کين ڏوهارين وانگر گهلي ۽ تشدد ڪري حراست ۾ ورتو ويو. واضح رهي ته ايندڙ آچر تي 10 هين مئي مائرن جي عالمي ڏينهن جي پروگرام جي آگاهي جي حوالي سان شيما ڪرماني کي پريس ڪانفرنس ڪرڻي هئي. بعد ۾ سنڌ حڪومت جي نوٽيس بعد گرفتار عورتن کي آزاد ڪيو ويو.
آزادي کان پوءِ عورت مارچ جي اڳواڻ شيما ڪرماني ۽ ٻين عورت اڳواڻن ساڳي شام جو پريس ڪانفرنس ڪندي مطالبو ڪيو ته پريس ڪانفرنس لاءِ ايندڙ عورت اڳواڻن مٿان تشدد ڪندڙ ۽ کين گرفتار ڪندڙ مرد پوليس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي معطل ڪري ان ڳالهه جي جاچ ڪئي وڃي ته 5 مئي تي سنڌ حڪومت ۽ ڊپٽي ڪمشنر کي اطلاع ڏيڻ ۽ اجازت وٺڻ جي باوجود پوليس ڪنهن جي ڳجهي حڪم تي پريس ڪلب جي ناڪابندي ڪري عورتن مٿان تشدد ڪري مرد پوليس طرفان بي حرمتي ڪري عورتن کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري رکيو. هنن چيو ته پ پ اڳواڻ بلاول ڀٽو زرداري، بي بي آصفه، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، گهرو وزير ضياءَ لنجار سميت سنڌ اسيمبلي ۾ ويٺل عورت ميمبرن کي ان جو هنگامي نوٽيس وٺڻ گهرجي. هنن وڌيڪ چيو ته پنهنجو پاڻ کي ترقي پسند ۽ عورت دوست سمجهندڙ پ پ جي سنڌ حڪومت لاءِ اسان جي هيءَ گرفتاري هڪ شرم ناڪ عمل آهي. تنهن ڪري اسان آصفه ڀٽو کي خط ۾ لکيو آهي ته ڇا اسلامي دنيا جي پهرين عورت وزيراعظم بينظير ڀٽو جي پ پ حڪومت عورت مارچ کان ڊڄي ٿي. هنن وڌيڪ ٻڌايو ته سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار کي جيئن ئي گرفتارين جي خبر پئي ته هن فوري حڪم جاري ڪيو ته گرفتار ٿيل عورتن کي آزاد ڪيو. هنن سوال پڇيو ته آخر ايئن ڇو ٿيو ته سنڌ حڪومت کي خبر ئي نه هئي ته عورتن کي گرفتار ڪيو ويندو. آخر هيءَ ڪهڙي حڪومت آهي جنهن کي خبر ئي ناهي ته سنڌ پوليس عورت مارچ جي اڳواڻن کي گرفتار ڪرڻ جو ارادو رکي ٿي.
اسان جو به هتي سنڌ حڪومت جي گهرو وزير ضياءَ لنجار ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه کان سوال آهي ته اهي پنهنجي وضاحت پيش ڪن ته ملڪ جي نامياري آرٽسٽ ۽ ٻين سڄاڻ عورتن جي ايئن ڏوهارين وانگر رستا روڪ ڇو ڪئي وئي ۽ ڪنهن جي حڪم سان سندن پريس ڪانفرنس کي روڪڻ لاءِ مردن ۽ عورتن تي ٻڌل پوليس اٽالا پريس ڪلب موڪليا ويا. بظاهر ته ايئن لڳي ٿو ته سنڌ حڪومت جي گهرو وزير کي خبر ئي نه هئي ته ڪو پوليس شيما ڪرماني ۽ ٻين عورتن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ جڏهن سنڌ اسيمبلي ۾ اجلاس دوران کيس خبر پئي ته هن عورتن جي آزادي جو حڪم ڏنو ۽ پوءِ اهي آزاد به ٿيون ۽ رٿيل پريس ڪانفرنس به ڪئي.
اسان ڪجهه سالن کان اهو به ڏسي رهيا آهيون ته پريس ڪلب ڏانهن پريس ڪانفرنس لاءِ ويندڙ سياسي ۽ سماجي شخصيتن کي پهريون گرفتار ڪيو ويندو آهي ۽ پوءِ اهو وقت گذري ويندو آهي ته کين آزاد ڪيو ويندو آهي. اهڙو واقعو ڪجهه وقت اڳ ڪامريڊ امداد قاضي جن سان به ٿيو هو جن کي پريس ڪانفرنس ڪرڻ نه ڏني وئي هئي ۽ بعد ۾ وقت گذرڻ تي کين آزاد ڪيو ويو. مطلب ته پريس ڪلب ڪراچي سنڌ جي سڄاڻ شخصيتن لاءِ نوگو ايريا بڻائي وئي آهي. پهريون چيف منسٽر هائوس کي ”ريد زون“ بڻايو ويندو هو ته جمهوري ۽ عوامي حڪومت ۾ ڪير به چيف منسٽر هائوس ڏانهن پنهنجا مسئلا کڻي اچڻ جي زحمت نه ڪري ۽ هاڻي آهستي آهستي ڪراچي پريس ڪلب کي به ”ريڊ زون“ يعني نوگو ا يريا بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. پر جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي حڪم تي ايئن نٿو ٿئي ۽ اطلاع ملڻ شرط اها گرفتار ٿيندڙ سياسي، سماجي شخصيتن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ٿي ته پوءِ اهو به ٻڌائي ته سندن گرفتارين جو حڪم ڪٿان ايندو آهي؟ جيڪڏهن سنڌ حڪومت جي حڪم تي ئي شيما ڪرماني ۽ ٻين عورت اڳواڻن کي گرفتار ڪرايو ويو هو ته اها ان جي ذميواري قبول ڪري پر جيڪڏهن اها ملوث ناهي ته پوءِ ٻڌائي ته ان غير جمهوري ڪارروائي ۾ ڪهڙو ڳجهو هٿ ملوث آهي ۽ ڇا اهو ڳجهو هٿ پاڻمرادو اهڙيون غير جمهوري ڪارروايون ڪرائي سنڌ حڪومت کي بدنام ڪري رهيو آهي.
سو جيڪڏهن شيما ڪرماني ۽ ٻين عورتن جي گرفتاري ۾ ڪو ڳجهو هٿ آهي ته پوءِ ته ڳالهه سمجهه ۾ اچي ٿي ته اهو ڳجهو هٿ عورت دشمن ۽ غير جمهوري ٿي سگهي ٿو ۽ جيڪڏهن ائين آهي ته سنڌ حڪومت کي ان جي غير جمهوري ۽ غير قانوني مداخلت روڪڻ گهرجي پر اهو سوال پوءِ به پنهنجي جاءِ تي آهي ته ان ڳجهي هٿ کي به مائرن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان ۽ منظور ٿيل پريس ڪانفرنس مان ڪهڙو خطرو آهي. ڇا مائرن جو عالمي ڏينهن ملهائڻ لاءِ عورتن جو سرگرم ٿيڻ ڏوهه هو. يا شيما ڪرماني ڪا دهشت گرد ۽ تخريب ڪار آهي جنهن مان آپگهاتي بمباري جو ڪوخطرو هو.
شيما ڪرماني کي ڀلا ڪير نٿو سڃاڻي، هوءَ ته امن جو پکي آهي، امن ۽ سنگيت جو سنگم آهي. ها البته اهو سندس ڏوهه ضرور آهي ته هيءَ امن پسند، ترقي پسند ۽ جمهوري سوچ ۽ نظريي جي عملدار آهي جيڪا ممڪن آهي ته امن دشمن، ترقي پسند دشمن ۽ غير جمهوري سوچ وارن ڳجهن هٿن کي پسند نه هجي جن اها رستا روڪ ڪرائي آهي. اهو به ممڪن آهي ته ان ۾ پاڻ سنڌ حڪومت اندروني طور ملوث هجي ۽ اها ڳجهن هٿن کي خوش رکڻ لاءِ کين گرين سگنل ڏيندي هجي پر جيڪڏهن ايئن ناهي به ته تڏهن به آخري ذميواري سنڌ حڪومت جي ۽ ان جي بي خبري واري نااهلي تي لاڳو ٿيندي ته سندس حڪومت ۾ هڪ ٻي ڳجهي حڪومت به پنهنجا فرائض انجام ڏئي رهي آهي جنهن سان سنڌ جي پ پ حڪومت ئي بدنام ٿي رهي آهي.