امن لاءِ اڳڀرائي، آمريڪا ۽ ايران ۾ 48 ڪلاڪن اندر ٺاهه جو امڪان

واشنگٽن(ع آ نيوز) آمريڪي اختيارين ۽ وائيٽ هائوس جي ويجهن ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جنگ جي باضابطا خاتمي ۽ جوهري ڳالهين جي نئين فريم ورڪ تي اتفاق لاءِ هڪ صفحي جي مفاهمتي يادشت نامو (ايم او يو) تيار ڪيو ويو. آمريڪي خابرو اداري ”ايگزيوز“ جي رپورٽ موجب، آمريڪا کي ايندڙ 48 ڪلاڪن ۾ ايران طرفان ڪجهه اهم نقطن تي حتمي جواب جو اوسيئڙو آهي. جيتوڻيڪ اڃا تائين ڪنهن به دستاويز تي صحيحون ناهن ٿيون، پر صدر ٽرمپ جا ويجها صلاحڪار جيرڊ ڪشنر ۽ اسٽيو وٽڪوف ايراني اختيارين  سان سڌي ريت ۽ ٽياڪڙن ذريعي مسلسل رابطي ۾ آهن. رپورٽ موجب، تجويز ڪيل 14 نقاطي معاهدي ۾ هيٺيان نقطا شامل آهن.جنگ جو خاتمو: ايم او يو تي صحيحون ٿيندي ئي خطي ۾ جنگ جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويندو. 30 ڏينهن جي مهلت: معاهدي کانپوءِ 30 ڏينهن اندر اسلام آباد يا جنيوا ۾ تفصيلي ڳالهيون ٿينديون جن ۾ پابندين جي خاتمي ۽ جوهري پروگرام تي حتمي بحث ٿيندو. آبناءِ هرمز: هن 30 ڏينهن واري مدي دوران ايران طرفان جهاز راني تي پابنديون ۽ آمريڪا جي سامونڊي ناڪابندي کي مرحليوار ختم ڪيو ويندو. جوهري پروگرام تي پابندي: ايران 12 کان 15 سالن تائين يورينيم افزودگي روڪڻ تي غور ڪري رهيو آهي، جڏهن ته آمريڪا 20 سالن جو مطالبو ڪري رهيو آهي. رپورٽ ايران مبينا طور تي پنهنجو اعليٰ افزوده يورينيم ملڪ کان ٻاهر منتقل ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. هڪ تجويز موجب، اهو مواد آمريڪا منتقل ڪري سگهجي ٿو، جيڪو تهران جي اڳوڻي پاليسي ۾ هڪ وڏي تبديلي آهي. ان جي عيوض آمريڪا ايران جا منجمد ٿيل اربين ڊالر رليز ڪندو ۽ پابندين ۾ مرحليوار نرمي ڪئي ويندي.رپورٽ موجب، وائيٽ هائوس جو خيال آهي ته ايراني قيادت هن وقت مختلف ڌڙن ۾ ورهايل آهي، جنهن ڪري اتفاقِ راءِ پيدا ڪرڻ مشڪل ٿي سگهي ٿو. ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن هن آمريڪا جي تجويز ڪيل معاهدي کي قبول نه ڪيو ته اڳ کان وڌيڪ تباهي پکيڙيندڙ بمباري ڪئي ويندي. ٽروٿ سوشل تي پنهنجي پوسٽ ۾ آمريڪي صدر لکيو ته ”فرض ڪريو ته جيڪڏهن ايران معاهدي تي عمل ڪرڻ تي راضي ٿي ويو ته آمريڪي آپريشن ختم ٿي ويندو ۽ هرمز پٽي ايران سميت سڀني لاءِ کلي ويندي.“ ان سان گڏ ئي هن ايران کي ڌمڪائيندي لکيو آهي ته ”پر جيڪڏهن هو راضي نه ٿيو ته بمباري شروع ٿي ويندي ۽ افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته ان جي سطح ۽ شدت اڳ جي ڀيٽ ۾ ڪيئي ڀيرا وڌيڪ هوندي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.