مٽياري ۾ پيپلز پارٽي اندر اختلاف: تنظيم سازي نئون چئلينج بڻجي وئي

سڪندر ساهو وال

مٽياري ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي اندر تازي تنظيم سازي کان پوءِ پيدا ٿيل اختلاف هاڻي وڌيڪ نمايان ۽ سنجيده صورت اختيار ڪري رهيا آهن. پارٽي جي پراڻن ڪارڪنن پاران احتجاج جو چتاءُ ڏيڻ ان ڳالهھ ڏانهن واضح اشارو آهي ته اهي پاڻ کي نظرانداز محسوس ڪري رهيا آهن، جيڪو ڪنهن به سياسي جماعت لاءِ ڳڻتي جوڳو سبب آهي.

ضلعي صدر  خلاف سوشل ميڊيا تي ٿيندڙ تنقيد به هن وڌندڙ بيچيني جو حصو آهي. پراڻن ڪارڪنن جو چوڻ آهي ته تنظيم سازي جي عمل ۾ شفافيت ناهي، هتي قرباني ڏيندڙ ڪارڪنن کان صلاح به ناهي ورتي وئي ۽ فيصلا ڪجھه ماڻهن تائين محدود نظر اچن ٿا. اهڙي صورتحال ۾ نه صرف اعتماد گهٽجي ٿو پر پارٽي اندر اتحاد به ڪمزور ٿيڻ لڳي ٿو.

سياسي جماعتن ۾ تنظيم سازي جو عمل هميشه حساس هوندو آهي، خاص ڪري جڏهن پراڻن ۽ تجربيڪار ڪارڪنن کي نظرانداز ٿيڻ جو احساس ٿئي.  مٽياري ۾ به ساڳي صورتحال نظر اچي رهي آهي، جتي اختلاف رڳو ذاتي نه پر تنظيم جي طريقيڪار بابت به آهن.

هاڻي اهم سوال اهو آهي ته پارٽي جي صوبائي قيادت هن بحران کي ڪيئن سنڀالي ٿي. عام روايت مطابق، مرڪزي يا صوبائي قيادت اهڙين حالتن ۾ مداخلت ڪندي آهي، مقامي اڳواڻن کان وضاحت طلب ڪئي ويندي آهي ۽ ڪارڪنن کي مطمئن ڪرڻ لاءِ گڏجاڻيون ڪوٺايون وينديون آهن. جيڪڏهن اهڙي سنجيده ڪوشش نه ڪئي وئي ته اختلاف وڌي سگهن ٿا ۽ احتجاج عملي صورت اختيار ڪري سگهي ٿو.

انهيءَ صورتحال ۾ پارٽي قيادت لاءِ ضروري آهي ته هو وقت سر قدم کڻي، سڀني ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي ۽ تنظيم سازي جي عمل کي وڌيڪ شفاف ۽ منصفاڻو بڻائي. ٻي صورت ۾، مٽياري ۾ پارٽي جي مقامي سطح تي اتحاد ۽ طاقت متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌي سگهي ٿو، جنهن مان پارٽي مخالف ڀرپور فائدو کڻي وٺندا نتيجي ۾ پارٽي ڪمزور ٿيندي، جيئن جتي ڪٿي پارٽي کي نقصان پهتو آهي ايئن هتي به اهڙي صورتحال پيدا ٿي ويندي. جڏهن تنظيم سازي کان پوءِ پيدا ٿيل صورتحال بابت ايم اين اي مخدوم جميل زمان، مخدوم رفيق زمان، مخدوم محبوب زمان، مخدوم فخر زمان ۽ پ پ پ جو اڳوڻو سينيٽر محمد علي شاھ ڄاموٽ جي خاموشي ۽ تنظيم سازي بابت ڪو به ردعمل نه اچڻ به سواليه نشان آهي ته آخر ضلعي قيادت ڇو خاموش آهي ۽ نه وري پ پ پ سنڌ جي صدر نثار کهڙو طرفان ڪو بيان سامهون آيو آهي.

انڪري ضرورت ان ڳالهھ جي آھي ته پ پ پ سنڌ جي قيادت کي فوري طور ضلعي مٽياري ۾ پھچي تنظيم سازي واري معاملي بابت پارٽي جي نظر انداز ٿيل ڪارڪنن ۾ پيدا ٿيل بيچيني کي فوري طور ختم نه ڪرايو ويو ته معاملا وڌي سگهن ٿا ۽ ٻئي آپشن طور باغي ڪارڪن ٻين پارٽين ڏانهن رخ ڪندو جنهن سان پارٽي جو نقصان ٿيندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.