”نه ڀارتي ٽيم پاڪستان ويندي نه ئي پاڪستاني ٽيم کي گهرايو ويندو“

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت پاڪستان سان ڪنهن به راند ٻطرفي سيريز کيڏڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، ڀارتي حڪومت پاڪستان خلاف سڌي ريت راندين ۾ حصو وٺڻ جي حامي ناهي.
ڀارتي راندين واري وزارت مختلف راندين جي تنظيمن، اولمپڪ ايسوسيئيشن ۽ اسپورٽس اٿارٽيز کي ان حوالي سان هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن.
راندين واري وزارت موجب، ڀارت پنهنجي سرزمين تي پاڪستان سان ڪنهن به ٻطرفي سيريز جي ميزباني نه ڪندو ۽ نه ئي پنهنجون ٽيمون پاڪستان موڪليندو.
بيان ۾ ڄاڻايو ويو ٻطرفن مقابلن جي حوالي سان ڀارتي ٽيمون پاڪستان جو دورو نه ڪنديون ۽ نه ئي پاڪستاني ٽيمن کي ڀارت ۾ کيڏڻ جي اجازت ڏني ويندي.
ان باوجود گهڻ-ملڪي مقابلن بابت ڀارت جو چوڻ آهي ته اهڙين ٽورنامينٽس ۾ شرڪت جو فيصلو بين الاقوامي اسپورٽس ادارن جي پاليسي ۽ رانديگرن جي مفاد کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويندو، ان جو مطلب اهو آهي ته ڀارتي رانديگر انهن مقابلن ۾ حصو وٺندا جتي پاڪستاني ٽيمون به شريڪ هونديون.
اهڙي ريت، جيڪڏهن ڀارت ڪنهن عالمي ايونٽ جي ميزباني ڪندو ته پاڪستاني ٽيمن کي به شرڪت جي اجازت ڏني ويندي، ڇو ته اهو عالمي راندين جي اصولن موجب هوندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.