لاهور (ويب ڊيسڪ) اڄڪلهه سڄي دنيا ۾ رليز ٿيندڙ بائيوپڪ ”مائيڪل“ خبرن ۾ آهي، جنهن ۾ ڪنگ آف پاپ مائيڪل جيڪسن جي زندگي جي لاهن چاڙهن کي فلمبند ڪيو ويو آهي.
نامياري فنڪار مائيڪل جيڪسن جا پاڪستان ۾ به ڪيئي مداح آهن، جن اداڪارا نمرا شاهد پڻ شامل آهي.
ويجهڙ ۾ ختم ٿيندڙ ڊرامي ”ايڪ اور پاڪيزا“ ۾ ”نور ڀري“ جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪارا نمرا شاهد هڪ انٽرويو ۾ فلم جو ذڪر ڪيو آهي.
هن چيو ته هوءَ مائيڪل جيڪسن جي تمام وڏي مداح آهي، سندس ٺهندڙ بائيوپڪ ڏسي هوءَ لڙڪ لاڙي ويٺي هئي.
نمرا مائيڪل جي ڀائٽيي جعفر جيڪسن جي به واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته ”جعفر جيڪسن تمام سهڻي نموني ڪردار نڀايو، کيس به مائيڪل جيڪسن بڻجڻ ۾ 2 سال لڳا، اهو ئي فنڪار هوندو آهي، رڳو هو ئي اهو ڪردار نڀائي سگهيو پئي.“
ان تي اداڪارا کان سوال ڪيو ويو ته ڇا هوءَ ڪنهن فنڪار جي بائيوپڪ ڪرڻ پسند ڪندي؟ نمرا چيو ته هوءَ اداڪارا صبا قمر جي بائيوپڪ ڪرڻ جي خواهشمند آهي.
سندس چوڻ هو ته ”مان صبا قمر جي بائيوپڪ ڪرڻ چاهينديس، هوءَ نه رڳو هڪ خوبصورت اداڪارا آهي پر هڪ ڪمال جي فنڪار پڻ آهي. مونکي لڳي ٿو ته جنهن قسم جو معياري ڪم هوءَ ڪري رهي آهي، اهڙو ڪم شايد ئي ڪو ٻيو ڪري سگهي.“
هن وڌيڪ چيو ته صبا جهڙو فنڪار اسان وٽ آهي ئي نه، هوءَ پاڪستان جي مائيڪل جيڪسن آهي.