پشاور(ويب ڊيسڪ)آمريڪي قونصل خانو مرحليوار بند ڪرڻ جو اعلان، سفارتي معاملا اسلام آباد منتقل ڪيا ويندا.
آمريڪي پرڏيهي کاتي طرفان پشاور ۾ قائم پنهنجي قونصل خاني کي مرحليوار بند ڪرڻ جو باظابطا اعلان ڪيو ويو آهي.
آمريڪي پرڏيهي کاتي موجب، خيبرپختونخوا سان لاڳاپيل سمورن سفارتي معاملن جي ذميواري هاڻي اسلام آباد ۾ قائم آمريڪي سفارتخاني کي منتقل ڪئي ويندي.
آمريڪي اختيارين موجب قونصل خانو بند ڪرڻ جو فيصلو سفارتي عملي جي حفاظت ۽ وسيلن جي موثر استعمال کي نظر ۾ رکندي ڪيو ويو آهي.
واضح رهي ته پشاور قونصل خانو خيبرپختونخوا ۾ آمريڪي سفارتي سرگرمين جو اهم مرڪز رهيو آهي، پر هاڻي سيڪيورٽي ۽ انتظامي بنيادن تي ان کي ختم ڪيو پيو وڃي.