آمريڪا آڏو هٿيار ڦٽا نه ڪنداسين، مسلمان رڳو الله آڏو سِر جهڪائيندا آهن: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني صدر مسعود پزشڪيان آمريڪا طرفان هٿيار ڦٽا ڪرڻ واري مطالبن کي سختيءَ سان رد ڪندي چيو آهي ته ايران هڪ بااخلاق ۽ ذميوار طاقت آهي ۽ مسلمان رڳو الله تعاليٰ جي اڳيان سِر جهڪائيندا آهن.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ ايراني صدر چيو ته الله تعاليٰ کان سواءِ ٻيو ڪو به کين شڪست يا مجبور نٿو ڪري سگهي.
صدر مسعود پزشڪيان موجب، اخلاق کان سواءِ طاقت ڀُتي هوندي آهي، اڄ جي دنيا ۾ جيڪا افراتفري، ناانصافي ۽ لاقانونيت نظر اچي رهي آهي، اها سياست کي رڳو طاقت تائين محدود ڪرڻ جو نتيجو آهي.
هن واضح ڪيو ته ايران پاڻ کي هڪ ذميوار طاقت طور پيش ڪري رهيو آهي، جڏهن ته ان جا مخالف بي لغام ۽ غير ذميوار قوتن جي علامت بڻيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.