وفاقي وزير عطا تارڙ واعدو پاڙي ڇڏيو، اظهر ميمڻ کي پي ٽي وي ۾ نوڪري ملي وئي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءُ واري وفاقي وزير عطا تارڙ جو واعدو پورو، آءِ بي اي مان پڙهيل اظهر ميمڻ کي پي ٽي وي ڪراچي ۾ ريسرچر جو ليٽر ملي ويو.
وفاقي وزير عطا تارڙ پنهنجو واعدو پورو ڪندي آءِ بي اي مان تعليم حاصل ڪندڙ نوجوان اظهر ميمڻ کي پي ٽي وي ڪراچي ۾ ريسرچر طور نوڪريءَ جو ليٽر جاري ڪري ڇڏيو.
اظهر ميمڻ جنهن جي مفلسي جي حالت واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي، ان کي وفاقي وزير طرفان ڪيل واعدي موجب نوڪري ڏني وئي.
اظهر ميمڻ جي وڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندڙ انفلوئنسر کي به سندس صلاحيتن جي بنياد تي ڊجيٽل ڪوآرڊينيٽر طور مقرر ڪيو ويو آهي.
وفاقي وزير عطا تارڙ جي ان عمل کي سوشل ميڊيا تي پڻ ساراهيو پيو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.