رحيم يار خان(پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته عدليه يرغمال آهي، عدالتي نظام عوام کي انصاف فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي، تازين عدالتي ڪاررواين، آئيني ترميمن انصاف جي نظام کي وڌيڪ ڪمزور ڪيو آهي. ملڪ کي جمهوريت جي ضرورت آهي، سياسي پارٽيون به پاڻ ۾ جمهوريت آڻين، اهي فارم 47 ۽ طاقتورن جي مدد سان ڪيترو وقت اقتدار ۾ رهنديون؟ڏکڻ پنجاب ۽ بهاولپور صوبن جي حمايت ڪريون ٿاجماعت اسلامي جي امير رحيم يار خان بار ايسوسيئيشن کي خطاب ڪندي 26 هين ۽ 27 هين آئيني ترميمن کي رد ڪري ڇڏيو ۽ اعلان ڪيو ته جيڪڏهن جماعت اسلامي کي موقعو مليو ته اهي ترميمون ختم ڪيون وينديون. هن عيد کان پوءِ عوام جي حقن جي حاصلات ۽ مهانگائي خلاف هڪ وڏي تحريڪ شروع ڪرڻ جو به اعلان ڪيو. هن چيو ته جيڪڏهن ملڪ ۾ مقامي حڪومتن جو هڪ موثر نظام قائم ڪيو وڃي ته عدالتن تي ڪيسن جو بار پاڻمرادو گهٽجي ويندو. جماعت اسلامي جي امير چيو ته مهانگي ۽ پيچيده عدالتي نظام جي ڪري عام شهري انصاف لاءِ عدالتن ڏانهن نه ٿا وڃي سگهن ۽ عدليه ۾ ڪرپشن ۽ اثر رسوخ جون ڳالهيون عام آهن. ملڪ ۾ حقيقي تبديلي لاءِ عوام کي متحرڪ ٿيڻو پوندو.