لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر بابر اعظم ٻن مختلف ڪوچز اوٽس گبسن ۽ مائيڪ هيسن سان گڏ ڪم ڪرڻ جي تجربي بابت ٻڌائي ڇڏيو.
بابر اعظم ويجهڙ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ مهمان طور شرڪت ڪئي جتي هن انڪشاف ڪيو ته اوٽس گبسن مون کي شروع کان ئي مڪمل آزادي ڏني.
سندس چوڻ هو ته جڏهن اوٽس گبسن سان پهرين ملاقات ٿي ته هن مون کي واضح طور تي چيو ته منهنجو ڪو خاص مطالبو ناهي، توهان پنهنجي روايتي انداز ۾ کيڏو، مون کي توهان کان ٻيو ڪجهه به نه گهرجي، بس ڪرڪيٽ مان لطف اندوز ٿيو.
بابر اعظم چيو آهي ته اوٽس گبسن مون کي ڪڏهن به ڪنهن خاص انداز ۾ کيڏڻ يا مخصوص شاٽس هڻڻ لاءِ نه چيو پر هميشه پاڻ صورتحال کي سمجهڻ جو چيو آهي.
اڳوڻي ڪپتان موجب، زندگي ۾ توهان کي مختلف ماڻهن کان مختلف قسم جا مشورا ملندا، پر اهو توهان تي آهي ته توهان انهن مشورن تي ڪيئن ردعمل ڏيو ٿا.
بابر اعظم مائيڪ هيسن بابت ڳالهائيندي چيو ته سندس انداز ٿورو منظم هو، هو توهان کي اعتماد ڏئي ٿو پر اهو به واضح طور ٻڌائي ٿو ته هو ڪنهن خاص پوزيشن تي توهان مان ڪهڙي اميد رکي ٿو.
هن چوٿين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ بابت ٻڌايو ته مختلف پوزيشنز تي کيڏڻ لاءِ مختلف حڪمت عملي جي ضرورت هوندي آهي ۽ هڪ کانپوءِ ٻي حڪمت عملي کي اختيار ڪرڻ ۾ وقت لڳندو آهي، هر حڪمت عملي کي فوري طور تي بهتر انداز ۾ اپنائڻ جي اميد نٿي رکي سگهجي.
بابر اعظم اهو به چيو ته پاڻ کي هر نئين ڪردار ۾ فٽ ڪرڻ لاءِ وقت گهربل هوندو آهي، پر اڄڪلهه ماڻهو هڪ يا ٻن ڏينهن ۾ فوري نتيجن جي اميد رکن ٿا جڏهن ته حقيقت اها آهي ته هر شيءِ ۾ وقت لڳندو آهي.
مائيڪ هيسن تجربن سان گڏ رزلٽ چاهي ٿو، گبسن پنهنجي انداز ۾ کيڏڻ جي آزادي ڏني: بابر اعظم
You might also like