ڌيءَ جي پيرن تي پٽڪو رکندڙ پيءُ نياڻي جو تحفظ نه ڪري سگهيو!

سکر/ روهڙي: سکر جي عدالت ۾ ڪارنهن الزام هيٺ قتل جي خوف کان تحفظ لاءِ پهتل ناري پيءُ جي پڳ ڏسي والد سان وڃڻ جو بيان ڏنو ۽ والد حوالي ٿي وئي پر ڌيءَ جي پيرن تي پٽڪو رکندڙ پيءُ نياڻي جو تحفظ نه ڪري سگهيو، سوشل ميڊيا تي نياڻي جي قتل بابت سوال اٿڻ لڳا ۽ نياڻي جي پيءُ مٿان سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي ته هُن نياڻي جو تحفظ ڇو نه ڪيو، ڇوڪري کي پٽڪي جا واسطا ڏئي وٺي وڃي قتل ڪرايو ويو، نياڻي هاڻ قتل ٿي وئي، هاڻ صرف ٿينديون ڳالهيون، جوابدارن کي گرفتار ڪري سخت کان سخت سزا ڏياري وڃي، سوشل ميڊيا واهپيدارن ڪاوڙ ۾ لکيو ته جڏھن ڪو پيءُ  اولاد جو دشمن بڻجي ته اھڙي سماج کي ڇاٿو ڪري سگھجي، اهڙي پيءُ کي شرم اچڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.