پيءُ جي پڳ مارائي وڌو:روهڙي ڀرسان عدالت ۾ پيش ڪيل ناري والد حوالي ٿيڻ بعد قتل

سکر/ روهڙي (نمائندن وٽان) پيءُ جي پڳ مارائي وڌو، روهڙي ڀرسان ٻن ٻارڙن جي ماءُ گلان ڀارو کي ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، عدالت ۾ والد طرفان پٽڪو پيرن تي رکڻ کان پوءِ ناري گلان  ڀارو چيو هو ته مون کي پڪ آھي ته مونکي قتل ڪيو ويندو، پر پيءُ پٽڪو لاھي ڏنو آھي، پيءُ جي عزت خاطر موت به قبول آھي، جهانگڙو ٿاڻي جي حد ڳوٺ شاهه بخش ڀارو ۾ ٻن ٻارڙن جي ماءُ گلان ڀارو کي ڪارنهن الزام مڙهي گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ ناري گلان ڀارو ڪارنهن جو الزام لڳڻ بعد سکر جي سيشن ڪورٽ پهچي تحفظ جي اپيل ڪئي هئي، پيءُ امداد ڀارو جي منٿن بعد ناري گـُلان ڀارو گهر وڃڻ لاءِ راضي ٿي، اڄ کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، ذريعن موجب مقتولا ڪجهه ڏينهن اڳ جان بچائڻ لاءِ ٿاڻي تي پهتي هئي ۽ عدالت ۾ پيش ٿيڻ دوران به پنهنجي جان کي خطري جو اظهار ڪيو هو، پر پوءِ به پيءُ سان گڏ وڃڻ تي راضي ٿي وئي، ڪالهه کيس گوليون هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس مک جوابدار مولا بخش ڀارو کي گرفتار ڪري ورتو ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي، لاش پوسٽ مارٽم کان پوءِ وارثن حوالي ڪيو ويو، ڪيس داخل نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ايس ايس پي اظهر مغل موجب مقتول ناري ٻن ٻارن جي ماءُ هئي، جنهن کي مامي غيرت جي نالي تي قتل ڪيو آهي، جوابدار کي گرفتار ڪري قتل ۾ استعمال ٿيل اوزار برآمد ڪيو ويو آهي، مقتولا ناري جي والد ۽ مڙس جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هڻي رهيا آهيون، ذريعن موجب قتل ڪيس ۾ وڌيڪ هڪ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، هن وقت تائين مقتولا ناري جي مڙس ۽ مامي کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي ناري جي ڪارنهن الزام هيٺ قتل کان پوءِ سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته نيٺ هي نياڻي به وحشي جوابدارن هٿان ماري وئي آهي، هن نياڻي سان انصاف ڪير ڪندو، هن کي خبر هئي ته کيس قتل ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.