ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ في تولي سون جي اگهه ۾ 2100 رپين جي لاٿ ٿي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز موجب، اڄ في تولو سون 2100 رپيا گهٽجڻ بعد 4 لک 77 هزار 862 رپين جو ٿي ويو آهي.
ايسوسيئيشن موجب، 10 گرام سون 1801 رپيا سستو ٿيڻ سان 4 لک 9 هزار 689 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت 21 ڊالر گهٽتائي بعد 4555 ڊالر آهي.