”زالون هر ڳالهه مڙسن کي نه ٻڌائن“ فضيلا قاضي جو بيان وائرل

پاڪستاني شوبز انڊسٽري جي ورسٽائل سينيئر اداڪارا فضيلا قاضيءَ عورتن کي هڪ اهم مشورو ڏنو آهي.

تازو ئي هڪ خانگي ٽي وي چينل جي مارننگ شو ۾ شرڪت جي دوران اداڪارا مختلف موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي.هن حقيقي دوستي بابت ڳالهه ڪندي چيو ته عورتن کي پنهنجي ڀائرن، پٽن ۽ مڙسن سان سٺي دوستي رکڻ گهرجي.

رپورٽ موجب هن چيو ته بدقسمتي سان کيس ڪا به ڌيءُ ناهي ۽ نه وري ڪا ڀيڻ آهي، سندس زندگي ۾ ڀاءُ، پٽ ۽ مڙس آهي، مرد ئي مرد آهن، ته ان ڪري هن جي سندس ڀائرن سان سٺي دوستي آهي، هوءَ ڀائرن سان سڀ ڳالهيون ڪندي آهي.

فضيلا قاضي چيو ته مڙس سان گھڻيون ڳالهيون ناهي ڪندي ڇاڪاڻ ته مڙس گهڻيون ڳالهيون دل ۾ رکندو آهي ۽ موقعو ملندي ئي طعنو هڻي ڏيندو آهي ، ان لاءِ مڙس کي هر ڳالهه نه ٻڌائڻ گهرجي.

اداڪارا وڌيڪ چيو ته مڙس جي اندر جي عورت پلاند ڪرڻ لاءِ ڪڏهن به جاڳي سگهي ٿي، هن اهڙو تجربو پاڻ ڪري ڏٺو آهي، هاڻي هوءَ ڀائرن کانسواءِ پٽن سان به هر ڳالهه ڪندي آهي پر مڙس کي هر ڳالهه ناهي ٻڌائيندي،

اداڪارا اهو به چيو ته مڙس کي سموريون ڳالهيون ٻڌائڻ جو فائدو به ناهي ۽ نه ٻڌائڻ جو ڪو نقصان به ناهي، ان ڪري مڙسن کي سڀ ڳالهيون نه ٻڌائڻ گهرجن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.