ڀارت جي مشهور ڪاميڊين ڪپل شرما پنهنجي نيٽفلڪس جي شو تي پاڪستان جي عظيم مزاحيا اداڪار امان الله خان (مرحوم) جي يادگار ڳالهه مداحن سان ونڊ ڪئي.
ڪپل شرما پنهنجي ڪيرئير جي شروعات اسٽينڊ اپ مقابلن سان ڪئي هئي ۽ تازو هن ڪاميڊينز جي گڏجاڻيءَ ۾ امان الله خان جون يادون ونڊ ڪيون.
ڀارتي ميڊيا رپورٽس موجب هن چيو ته هڪ ڀيرو ليجنڊري امان الله خان هن کي چيو ته مقابلو عام طور تي هيروز ۽ هيروئنز جي وچ ۾ ٿيندو آهي، اسان ڪاميڊين ته بس هڪ نيڪ ڪم ڪيون ٿا، اسان ماڻهن جي چهرن تي مرڪ آڻيون ٿا، اسان جي وچ ۾ ڪو مقابلو ناهي ٿيندو.
ڪپل شرما چيو ته امان الله جو چوڻ هو ته ممڪن آهي ڪنهن جي ڳالهه تي وڌيڪ کل اچي ۽ ڪنهن تي گهٽ پر ڏينهن جي آخر ۾ اسان جو مقصد انسانيت ۾ خوشيون ونڊڻ آهي جيڪو هڪ اعليٰ مقصد آهي.
واضح رهي ته امان الله خان ڏکڻ ايشيا ۾ اسٽينڊ اپ ڪاميڊي جو وڏو نالو سمجهيو ويندو آهي. هن ٽيليويزن ۽ اسٽيج تي هزارين شو ڪيا آهن ۽ ڀارت ۾ به سندس مداحن جو وڏو انگ آهي.