شڪارپور: پوليس اهلڪار جي مبينا غلط فهمي تي فائرنگ، ايس ايڇ او لکي غلام شاهه قتل، آءِ جي سنڌ جو نوٽيس

شڪارپور(ويب ڊيسڪ) شڪارپور جي علائقي گلولو دڙو وٽ پوليس اهلڪار جي مبينا غلط فهمي تي ڪيل فائرنگ جي نتيجي ۾ لکي غلام شاهه ٿاڻي جو ايس ايڇ او علي حسن جاني مارجي ويو آهي، جڏهن ته جوابدار اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب، ايس ايڇ او علي حسن جاني پنهنجي نئين خانگي ڪار ۾ وڃي رهيو هو، جنهن تي نمبر پليٽ نه هئڻ سبب گلولو دڙو پوليس ڪار کي شڪي سمجهي مبينا طور فائرنگ ڪري ڏني، گولي لڳڻ سبب ايس ايڇ او ٿڏي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو.
اختيارين موجب، فائرنگ ڪندڙ پوليس اهلڪار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
ٻئي پاسي، آءِ جي سنڌ واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي.
هوڏنهن ايس ايڇ او جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، جڏهن ته پوليس طرفان واقعي جي وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.