اهم شخصيت جي پٽ جي موت کانپوءِ ٿرٿلو،منشيات خلاف مهم

ڪراچي (شڪيل سومرو) سنڌ ۾ منشيات جو زهر نئون ناهي پر جڏهن اقتدار سان لاڳاپيل گهر مان هڪ نوجوان زندگي هارائي ويهي ٿو ته تڏهن ئي حڪومت جا ڪن کڙا ٿين ٿا، هڪ ايم اين اي جي نوجوان پٽ جي موت هن بحران کي هڪ ڀيرو ٻيهر بحث هيٺ آڻي ڇڏيو آهي، سوال رڳو هڪ واقعي جو ناهي پر انهن سوين هزارين زندگين جو آهي جيڪي  سالن کان هن زهر جي ور چڙهي خاموشي سان ختم ٿي رهيون آهن ۽ هاڻ هن ئي پسمنظر ۾ وڌيڪ سنسني خير حقيقت سامهون آئي آهي اهڙي حقيقت جيڪا هن بحران کي صرف استعمال ڪرڻ تائين نه پر پيداوار تائين کڻي وڃي ٿي، سنڌ اسيمبلي ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ٿيا، هاڻ منشيات ٻاهر نه پر سنڌ اندر به پوکي پئي وڃي، سنڌ جي سياسي ايوان ۾ تڏهن سنسني پکڙجي وئي جڏهن ڪجهه عرصو اڳ حڪمران جماعت پيپلزپارٽي جي ايم پي سردار خان چانڊيو سنڌ اسيمبلي جي فلور تي تقرير ڪندي هڪ سنگين انڪشاف ڪيو هو، هن چيو هو ته منشيات جو مسئلو هاڻ سرحد پار کان ايندڙ اسمگلنگ تائين محدود ناهي رهيو پر سنڌ جي اندر ئي آفيم جهڙا خطرناڪ فصل پوکيا پيا وڃن، سردار چانڊيو دادو ضلعي ۾ آفيم جي وڏي پوکي جي دعويٰ ڪندي سنڌ اسيمبلي جي فلور تان وڏي واڪي چيو هو ته سندس ضلعي دادو ۾ 10 سالن کان تقريبن 7 سئو کان 8 سئو ايڪڙ زمين تي آفيم جو فصل پوکيو پيو وڃي، سوال اٿي ٿو ته جيڪڏهن هر سال نشاندهي ٿي رهي آهي ته پوءِ ڪارروائي رڳو ڏيکاءُ تائين ڇو محدود آهي، سردار خان چانڊيو جي ان نشاندهي تي سوال اٿي ٿو ته ادارن جي وچ ۾ هي تڪرار آخر ڪنهن جي مفاد ۾ آهي ۽ نقصان ڪنهن جو ٿي رهيو آهي، سوال اهو آهي ته جيڪڏهن زهر اندر ئي پيدا ٿئي ٿو ته جنگ جو مورچو ڪٿي آهي؟

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،اڱارو 05 مئي  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.