اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)سينيئر صحافي ۽ تجزيه نگار نصرت جاويد موجب شاهراهِ دستور تي واقع “ون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو” واري معاملي ۾ ڪيترن ئي سالن کان سنجيده بي ضابطگيون ٿينديون رهيون آهن، جن تي مؤثر نگراني يا ڪا به عملي ڪارروائي نه ٿي سگهي.هن جي مطابق 2005 ۾ اهو فيصلو ٿيو هو ته ان جڳهه تي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ٺاهيو ويندو، جنهن لاءِ باقاعده طور تي زمين ليز تي ڏني وئي ۽ منصوبي ۾ ٽي پارٽنر شامل هئا. بعد ۾ انهن مان ٻه پارٽنر الڳ ٿي ويا ۽ صرف هڪ پارٽنر حفيظ شيخ پاشا باقي رهيو.نصرت جاويد موجب حفيظ شيخ پاشا معاهدي جي شرطن جي ڀڃڪڙي ڪندي هوٽل بدران فليٽن جي تعمير شروع ڪري ڇڏي، جيڪو اصل منصوبي کان واضح انحراف هو.هن جو چوڻ آهي ته ان سڄي عرصي دوران سي ڊي اي يا لاڳاپيل ادارن طرفان مؤثر نگراني نه ڪئي وئي، نه ڪنهن ڪميٽي ۾ هن معاملي کي سنجيدگي سان کڻي بحث ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪنهن وزيراعظم طرفان ان تي پڇاڻو.هن مطابق اها صورتحال انتظامي غفلت ۽ ادارتي ڪمزوري جو واضح مثال آهي، جتي معاهدي جي خلاف ورزين باوجود بروقت ڪارروائي نه ٿي سگهي۔