اسلام آباد(بيورو) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد ۾ واقع ون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو بابت سندن موقف ۾ ڪا تبديلي ناهي آئي۔ هن چيو ته سي ڊي اي جو خيال آهي ته ون ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو غيرقانوني هو ۽ اهو ئي موقف ڪميٽي آڏو به پيش ڪيو ويندو۔صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه دوران محسن نقوي چيو ته منهنجي خيال ۾ پاڪستان جي تاريخ ۾ ايترو وڏو فراڊ شايد نه ٿيو هوندو، جنهن ۾ جج، بيوروڪريٽ، سياستدان ۽ بينڪر سڀ شامل هجن۔ هن چيو ته 21 سالن تائين پئسا کارايا ويا ۽ اهي پئسا وٺندا رهيا۔ سندس چوڻ هو ته جنهن به ملڪ کي نقصان پهچايو آهي، ان خلاف ڪارروائي ٿيڻ گهرجي۔