سنڌ بابت حساسيت پ پ جو ”ڏوهه“اسٽيبلشمينٽ سان اختلاف هلندڙ؟

اسلام آباد(سجاد انور) صدر آصف علي زرداري ۽ طاقتور شخصيت جي وچ ۾ اختلاف هلي رهيو آهي، ملڪ ۾ شايد مارشل لا لڳي سگهي ٿو ؟ آصف علي زرداري کي گهر موڪلڻ جون تياريون ٿي رهيون آهن؟ گذريل هڪ هفتي دوران لڳاتار ڏسي رهيا آهيون ته تقريبن هر ٻيو تجزيه نگار ۽ ولاگر به اهڙيون ڳالهيون ڪري رهيو آهي۔مثال طور تازو جاويد چوڌري چيو ته ايران ۽ آمريڪا واري معاملي دوران، جڏهن ماڻهو اهو سوال ڪري رهيا هئا ته پاڪستان پيپلز پارٽي ڇو خاموش آهي ۽ آصف علي زرداري نظر ڇو نٿو اچي، ته ان جو سبب بلاول ڀٽو زرداري جي ڪا آڊيو ليڪ ٿيڻ هئي، جنهن ۾ هن ڪجهه ناڪاري ڳالهيون ڪيون هيون، تنهن ڪري کيس ان سڄي سفارتي عمل کان پري رکيو ويو۔ان سان گڏ اعزاز سيد به ڪجهه عرصو اڳ چيو هو ته ڪيترائي حلقا اهڙا آهن جيڪي چاهين ٿا ته آصف علي زرداري کي سندس عهدي تان هٽايو وڃي۔سهيل وڙائچ به هڪ مضمون لکيو  جنهن جو عنوان “زرداري اِن اينڊ آئوٽ” هو، جنهن ۾ هن اشارو ڏنو ته شايد زرداري کي گهر موڪليو وڃي۔جڏهن ته ابصار عالم چيو ته ڪراچي ايئرپورٽ تان اربين ڊالرن جو ڪارو ناڻو خانگي جهازن ذريعي دبئي موڪليو پيو وڃي، اسٽيبلشمينٽ صدر زرداري کي پسند نٿي ڪري۔ اسٽيبلشمينٽ اڻ سڌي طرح شهباز شريف کي به محسن نقوي ذريعي تنگ ڪري رهي آهي۔ “ٽوئن ٽاور” واري معاملي ۾ به اسٽيبلشمينٽ محسن نقوي سان گڏ بيٺل آهي۔ اهي خبرون به صحيح آهن ته ڪجهه حلقا پيپلز پارٽي کي رستي تان هٽائڻ ۽ سنڌ ۾ ان جي رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ بابت سوچي رهيا آهن۔صدر  زرداري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي وچ ۾ هيءَ ويڙهه نئين ناهي۔ اها ساڳي ويڙهه آهي جيڪا اڳ راحيل شريف، اشفاق پرويز ڪياني ۽ قمر جاويد باجوه سان رهي، پاڪستان تحريڪ انصاف يا پاڪستان مسلم ليگ ن جي اسٽيبلشمينٽ سان ويڙهه اختيارن بابت هئي، جڏهن ته پيپلز پارٽيءَ جو معاملو مڪمل طور مختلف آهي۔ جڏهن عاصم منير آرمي چيف بڻيو  هو ته ان وقت ئي فيصلو ڪيو ويو هو ته ايندڙ چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ڪمزور ڪيو ويندو۔ سنڌ ۾ نگران سيٽ اپ به پيپلز پارٽي خلاف ٺاهيو ويو هو۔هن چيو ته چونڊن کان اڳ آصف علي زرداري دبئي ۾ نواز شريف سان مليو ۽ گڏجي چونڊ وڙهڻ جي ڳالهه ڪئي، پر نواز شريف انڪار ڪري ڇڏيو ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي کي ترجيح ڏني۔بعد ۾ جڏهن چونڊ نتيجا توقعن جي ابتڙ نڪتا ته پيپلز پارٽي اهم بڻجي وئي، پر بلاول ڀٽو فيصلو ڪيو ته حڪومت ۾ شامل نه ٿينداسين۔ پيپلز پارٽيءَ جو اصل ”ڏوهه“ اهو آهي ته اها سنڌ بابت تمام حساس آهي۔ اسٽيبلشمينٽ چاهي ٿي ته ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪري عالمي واپاري شهر بڻايو وڃي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان جي مخالفت ڪري ٿي، ڪالا باغ ڊيم تڪرار هجي، چولستان لاءِ نوان واهه هجن، نوان صوبا ٺاهڻ هجن يا 18هين آئيني ترميم واپس وٺڻ جي ڳالهه هجي، پيپلز پارٽي هميشه مخالفت ڪري ٿيجڏهن ته  جنرل باجوه 18هين ترميم کي شيخ مجيب الرحمان جي “ڇهن نقطن” جهڙو قرار ڏنو هو، ۽ اسٽيبلشمينٽ صوبائي خودمختياري گهٽائڻ چاهي ٿي، جڏهن ته پيپلز پارٽي ان جي رڪاوٽ بڻجي ٿي۔هن وڌيڪ چيو ته جڏهن به پيپلز پارٽي تي دٻاءُ وڌائڻو هوندو آهي ته پوءِ ڪرپشن جا الزام، پئسا ٻاهر موڪلڻ جون ڳالهيون ۽ گرفتاريون شروع ڪيون وينديون آهن۔ٽوئن ٽاور معاملي بابت ڪجهه حلقا چاهين ٿا ته اها جڳهه حساس ادارن جي استعمال ۾ اچي۔ سنڌ کي ورهائڻ يا ڪراچي کي ڌار ڪرڻ جي ڪوشش خطرناڪ ردعمل پيدا ڪندي، ڇاڪاڻ ته اها رڳو پيپلز پارٽي نه پر سنڌ جي تقريبن سڀني سياسي ڌرين جو موقف آهي۔ پاڪستان جو وڏو مسئلو صرف سياست نه پر سيڪيورٽي صورتحال، بلوچستان ۽ اولهه واري سرحد جا مسئلا آهن، جن کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، اسٽيبلشمينٽ هميشه مرڪز کي مضبوط ڪرڻ واري سوچ رکي ٿي ۽ سمجهي ٿي ته سياستدان صرف پنهنجا مفاد ڏسن ٿا، جيڪڏهن پاڪستان کي واقعي مضبوط بڻائڻو آهي ته معاشي خودمختياري حاصل ڪرڻي پوندي ۽ اندروني اختلاف گهٽائڻا پوندا، نه ته رڳو طاقت سان ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي۔

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،اڱارو 05 مئي  2026ع  تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.