اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڀارت پاران درياهه چناب ۾ پاڻي جي آمد ۾ وڏي گهٽتائي تي ڀارت کان وضاحت طلب ڪري ورتي آهي.
پاڻي وسيلن واري کاتي جي ذريعن موجب مرالا جي مقام تي چناب درياهه ۾ پاڻي جي کوٽ سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي آهي..
ذريعن موجب پاڪستاني انڊس واٽر ڪمشنر هن معاملي تي ڀارتي هم منصب کان تفصيل طلب ڪري ورتا آهن۔