آمريڪي جهازن آبناءِ هرمز پارڪري ڇڏيو، دنيا ۾ ٿرٿلو

واشنگٽن ڊي سي ( ويب ڊيسڪ) آمريڪي جنگي جهاز آبناءِ هرمز مان گذري عرب ملڪن ۾ داخل ٿي ويا آهن، آبي اچ وڃ بحال ڪرڻ جو مشن شروع ٿي ويو. آمريڪي فوج ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن گائيڊد ميزائل ڊسٽرائرز آبناءِ هرمز پار ڪري عرب ملڪن ۾ داخل ٿي ويا آهن جتي هو هن اهم آبي رستي جي اچ وڃ بحال ڪرڻ لاءِ نئين مشن جو حصو آهن. آمريڪي فوج جي مرڪزي ڪمانڊر (سينٽڪام) بيان ۾ چيو آهي ته يه جنگي جهاز ”پراجيڪٽ فريڊم“ موجب آبناءِ هرمز پار ڪرڻ کانپوءِ هن وقت عرب ۾ آپريشنز ڪري رهيا آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته ان عمل تحت ٻه آمريڪي پرچم وارا واپاري جهاز ڪاميابيءَ سان آبناءِ هرمز پار ڪري چڪا آهن ۽ محفوظ طريقي سان پنهنجي منزل طرف وڌي رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.