پاسدارن انقلاب گارڊز آبناءِ هرمز جو نئون خاڪو پيش ڪري ڇڏيو

تهران(ع آواز) پاسداران انقلاب گارڊز جي بحريا پاران ايراني فوج جي ڪنٽرول هيٺ آبناءِ هرمز جو نئون نقشو جاري ڪيو ويو آهي.

خاڪي ۾ آبناءِ هرمز جي ڏکڻ ۾ ايراني ڪوهه مبارڪ ۽ گڏيل عرب امارات ۾ فجيرا جي وچ ۾ لائين واضح ڪئي وئي آهي.ان کان اڳ ايراني فوج سمورن واپاري بحري جهازن ۽ تيل جي ٽينڪرز کي آبناءِ هرمز مان گذرڻ لاءِ ايراني فوج سان رابطي ۾ رهڻ جي هدايت ڪئي هئي. آمريڪي جهازن کي آبناءِ هرمز جي ويجهو اچڻ کان به روڪڻ واري وارننگ ڏني وئي هئي. ايراني خاتم الانبيا سينٽرل هيڊ ڪواٽرز جي سينيئر ڪمانڊر چيو ته آبناءِ هرمز کي مڪمل طور تي ڪنٽرول ڪيون ويٺا آهن، آمريڪي بحريا آبناءِ هرمز جي ويجهو به نه ايندا.

هنن چيو ته ايران جي ڪنهن به حصي ۾ ڪنهن به سطح جي حملي کي سخت جواب ڏيندا. ان کان اڳ ايراني نيشنل سيڪيورٽي ڪونسل جي سربراهه ابراهيم عزيزي چتاءُ ڏنو ته آبناءِ هرمز ۾ آمريڪا جي وچ ۾ پوڻ کي جنگ بنديءَ جي خلاف ورزي تصور ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.