لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِ ڪورٽ گلوڪارا ميشا شفيع جي اپيل تي 50 لک رپين جو هرجاڻو علي ظفر کي ڏيڻ وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. اهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد نديم ارشد 50 لک رپين واري هرجاڻي جي فيصلي جي خلاف ميشا شفيع جي اپيل واري ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي ۾ عدالت علي ظفر کي هرجاڻي واري قيمت ڏيڻ واري فيصلي کي معطل ڪندي هرجاڻي جي اڌ رقم عدالت ۾ جمع ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
عدالت پاران هرجاڻي جي باقي اڌ رقم شورٽي طور عدالت ۾ جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. عدالت ميشا شفيع جي اپيل تي علي ظفر کي نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪيو. ٻي پاسي عدالت ميشا شفيع جي وڪيل جي ٽرائل ڪورٽ جو سڄو فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو. عدالت چيو ته ٽرائل ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ميشا شفيع کي ٻيهر جنسي هراساني جو الزام لڳائڻ کان روڪيو آهي، ٽرائل ڪورٽ جي اهڙي فيصلي کي معطل نٿو ڪري سگهجي، ڪنهن کي اجازت نه ڏني ويندي ته جنسي هراساني جا الزام لڳائي.