ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران شدت اختيار ڪري ويو، شهر جي مختلف علائقن ۾ لڳ ڀڳ 9 ڏينهن کان پاڻي جي فراهمي بند آهي، ڪراچي ۾ پاڻي جو بحران انتهائي خراب صورت اختيار ڪري چڪو آهي، ڪيترن ئي علائقن ۾ 25 اپريل کان پاڻي جي فراهمي بند آهي، جڏهن ته 27 اپريل تي ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن تي بجلي جي بريڪ ڊائون سبب پاڻي جو سڄو نظام متاثر ٿيو، بريڪ ڊائون سبب ٽي اهم لائنون ڦاٽي پيون، جن مان ٻه لائينون مرمت بعد بحال ڪيون ويون پر لائن نمبر 2 جي مرمت اڃا تائين مڪمل نه ٿي سگهي جنهن سبب شهر جي ڪيترن علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي بند آهي، متاثر علائقن ۾ ڪورنگي، لانڍي، ملير، شاهه فيصل ڪالوني، گلستان جوهر، گلشن اقبال، لياقت آباد، پي آءِ بي ڪالوني، اولڊ سٽي ايريا، محمود آباد، منظور ڪالوني، ڪورنگي ڪراسنگ، ڊيفنس ۽ ڪلفٽن سميت ٻيا علائقا شامل آهن، جتي وڏي آبادي پاڻي کان محروم آهي ۽ ماڻهو مهانگي قيمتن تي پاڻي خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، ذريعن موجب شهر ۾ لائينن ذريعي پاڻي جي فراهمي بند آهي، جڏهن ته سرڪاري هائيڊرينٽن تي پاڻي جي فراهمي جاري آهي، جنهن سبب شهرين ۾ ڪاوڙ وڌي رهي آهي، واٽر ڪارپوريشن جي ترجمان موجب شهر کي روزانو 650 ملين گيلن جي مقابلي ۾ 610 ملين گيلن پاڻي فراهم ڪيو پيو وڃي، يعني صرف 40 ملين گيلن جي کوٽ آهي، پي آر سي سي لائين جي مرمت مڪمل ڪئي وئي آهي، جنهن بعد متاثر علائقن ۾ پاڻي جي فراهمي بتدريج بحال ٿي رهي آهي ۽ صورتحال ۾ بهتري اچي رهي آهي، هن چيو ته بجلي جي بريڪ ڊائون سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي اهم مشينري متاثر ٿي، جنهن ڪري پاڻي جي فراهمي متاثر ٿي، پر هاڻي نظام آهستي آهستي معمول تي اچي رهيو آهي.