ميرپورخاص (بيورور) جمعيت علماءِ اسلام اڳواڻ مولانا راشد محمود سومرو چيو آهي ته سنڌ سميت پوري ملڪ ۾ عوام مهانگائي، بدامني، بک ۽ بيروزگاري کان پريشان آهي حڪمرانن کي ان جو ڪو احساس ناهي، اوهان آبناءِ هرمز مان 10 جهاز گذاري آمريڪا واشنگٽن ڊي سي پهچائي اچو ٿا ته پوءِ ايران کان سستو پيٽرول ڇو نٿا وٺو، تهران ۾ چار رپيا في ليٽر وڪرو ٿيندڙ پيٽرول ميرپورخاص جي عوام کي چاليهه رپين ۾ ڇو نٿا ڏئي سگهو، اوهان ايترا طاقتور ٿي ويا جو ڳالهيون ڪرائي سگهو ٿا ۽ ايترا ڪمزور ٿي ويا جو عوام کي رليف نٿا ڏئي سگهو، شرم اچڻ گهرجي، هي ڪهڙي پاليسي آهي جو آمريڪا جو عوام خوش ٿي رهيو آهي ۽ پاڪستان جو عوام تڙپي رهيو آهي، عالمي مارڪيٽ ۾ جڏهن پيٽرول سستو ٿئي ٿو ته هتي وري مهانگو ڪيو وڃي ٿو، عالمي امن لاءِ 19 مارچ تي سکر ۾ امن ڪانفرنس ڪوٺائي رهيا آهيون جنهن ۾ پوري دنيا کان ماڻهون شريڪ ٿيندا، ميرپورخاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 14 مئي تي ڪراچي جي تاريخ جو سڀ کان وڏو جلسو هنن نااهل حڪمرانن خلاف ٿيندو ۽ مولانا فضل الرحمان ان ۾ خاص طور تي خطاب ڪندو، پريس ڪانفرنس دوران هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جماعت منهنجي آهي ۽ طئي اوهان ڪندئو ته مان لانگ مارچ ڪريان يا پريس ڪانفرنس، جيڪي فيسبڪ انقلاب آڻڻ چاهين ٿا اهي ٿورو ٻاهر نڪرن ته خبر پئجي ويندن، هن چيو ته ميرپورخاص جي خانگي محمد ميڊيڪل ڪاليج ۾ هراسيمنٽ سبب آپگهات ڪندڙ فهميده لغاري جي موت کي اسين آپگهات نه پر قتل سمجهون ٿا، پوزيشن هولڊر شاگردياڻي کي ايترو ته پريشان ڪيو ويو جو هن موت کي ترجيح ڏني، فهميده لغاري جا قاتِل ڪاليج جي انتظاميا آهِي جنهن شڪايت جي باوجود ڪا به ڪاروائي نه ڪئي، فهميده لغاري جي ڪيس ۾ نامزد مک جوابدار ڪاليج کان سواءِ سرڪاري نوڪري ڪندڙ هو جنهن کان ڪاليج انتظاميا لاعلم هئي اها ڳالهھ سمجھه کان ٻاهر آهي، فهميده لغاري جي قتل ۾ ملوث هٿن کي وائکو ڪري جوابدارن کي سزا ڏياري وارثن کي انصاف ڏنو وڃي، سنڌ جي تعليمي بورڊن اربين روپين جي ڪرپشن ٿي وڏي رشوتون وٺي پوزيشنون گريڊ مارڪون وڪرو ڪري حقدارن جو حق ماريو ويو آهي ان ڪمائي بابت جيڪي انڪشاف ٿي رهيا آهن ته ان ۾ بورڊن جي ننڍي ملازم کان مسنٽري تائين حصو پهچايو ويندو هو.