ڪراچي/ جيڪب آباد (ع آ ن/ پ ر) جيڪب آباد ۾ گڏهه کي زخمي ڪندڙ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جيڪب آباد ۾ هڪ شهري طرفان گڏهه کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪرڻ واري واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي چيو آهي ته بي زبان جانورن تي اهڙو وحشيانا تشدد ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، هن لاڳاپيل اختيارين کي هدايت ڪئي آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدار خلاف فوري طور تي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن به شخص کي ڪنهن به صورت ۾ رعايت نه ڏني وڃي، هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته زخمي گڏهه کي فوري طور طبي امداد فراهم ڪئي وڃي، ٻئي پاسي وڏي وزير جي هدايت ۽ اختيارين پاران نوٽيس وٺڻ کان پوءِ پوليس گڏهه کي زخمي ڪندڙ جوابدار مولا بخش بروهي کي گرفتار ڪري ورتو، گڏهه جي مالڪ جو چوڻ هو ته منهنجو گڏهه مولا بخش جي گهر ۾ داخل ٿيو ته ان تي تشدد ڪيو ويو، جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي انصاف ڪيو وڃي.