ڪانگريس جي ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ٽرمپ پاران ايران سان جنگ ختم ٿيڻ جو تاثر

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ٽرمپ ايران جنگ ختم ٿيڻ جو تاثر ڏيندي ڪانگريس کي خط لکي ڇڏيو،ٻئي پاسي ايران جنگ ختم ڪرڻ ۽ پنهنجي معيشت کي پهتل نقصان روڪڻ لاءِ واشنگٽن کي هڪ نئين سفارتي تجويز پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ ڳالهين جي بحالي لاءِ لچڪ ڏيکارڻ جو اشارو ڏنو ويو آهي۔آمريڪي اخبار وال اسٽريٽ جرنل  جي رپورٽ موجب ايران آڇ ڪئي آهي ته هو آبنائي هرمز کولڻ جي شرطن تي ان وقت ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي، جڏهن آمريڪا پنهنجا حملا روڪڻ ۽ ايراني  بندرگاهن جو گهيرو ختم ڪرڻ جي ضمانت ڏئي۔ان کان اڳ ايران جو اصرار هو ته ڳالهين جي شروعات کان اڳ گهيرو ختم ڪيو وڃي، پر هاڻي هن ٻنهي معاملن تي هڪ ئي وقت ڳالهائڻ لاءِ رضامندي ظاهر ڪئي آهي۔ تنهن هوندي به جوهري پروگرام ۽ آبنائي هرمز جهڙن بنيادي معاملن تي ٻنهي ڌرين وچ ۾ اڃا به وڏو اختلاف موجود آهي۔آمريڪي صدر ٽرمپ جمعي ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران هڪ معاهدو ڪرڻ چاهي ٿو، پر مان ان بابت مطمئن ناهيان، هاڻي ڏسون ٿا ته اڳتي ڇا ٿئي ٿو آمريڪي نيوي ايراني بندرگاهن جي گهيري لاءِ سامونڊي ڌاڙيلن وانگر ڪم ڪري رهي آهي آمريڪا ڪم مڪمل ڪرڻ کان سواءِ ايران جنگ مان نڪرڻ ۾ تڪڙ نه ڪندو وائيٽ هائوس جي ترجمان انا ڪيلي پڻ واضح ڪيو ته صدر ٽرمپ جو موقف بلڪل صاف آهي ته ايران ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نٿو ڪري سگهي، ۽ آمريڪا جي قومي سلامتي کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڳالهين جو عمل جاري آهي۔رپورٽ موجب نئين تجويز تحت ايران اهو به چيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پابندين ۾ نرمي ڪري ٿو ته هو پنهنجي جوهري پروگرام بابت ڳالهين لاءِ تيار آهي۔رپورٽ مطابق ايران ثالث ملڪن کي اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن واشنگٽن هن نئين تجويز کي قبول ڪري ٿو ته هو ايندڙ هفتي جي شروعات ۾ پاڪستان ۾ ڳالهين جي ميز تي ويهڻ لاءِ تيار آهي۔اڳوڻي آمريڪي ڳالهين ڪندڙ راچرڊ نيفيو  جو چوڻ آهي ته اها تجويز سڀني جي مفاد ۾ ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ⁠تہ ان سان آمريڪا ۽ ايران ٻنهي کي ڪجهه معاشي رليف ملي سگهي ٿو ۽ وڌيڪ ڏکين معاملن کي پوءِ لاءِ رکيو وڃي سگهي ٿو۔ٻئي پاسي صورتحال اڃا به ڇڪتاڻ واري آهي، ڇاڪاڻ⁠تہ ايران هفتن کان آبنائي هرمز کي عملي طور بند ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب دنيا جي تيل جي فراهمي جو پنجون حصو متاثر ٿي رهيو آهي هڪ سينيئر ايراني عملدار ڇنڇر ڏينهن ٻڌايو ته تهران جي نين تجويزن ۾ جوهري پروگرام بابت ڳالهين کان اڳ آبنائي هرمز کولڻ ۽ آمريڪي ناڪابندي ختم ڪرڻ جي تجويز شامل هئي، جنهن کي صدر ٽرمپ رد ڪري ڇڏيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.