ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون نه ڏيڻ خلاف درخواستن تي ٻڌڻي ڪندي 5 درخواستگذارڻ کي نوڪريون فراهم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، 15 ڏينهن اندر اپائنٽمينٽ ليٽر جاري ڪرڻ جو حڪم، عدالت آڏو مختلف درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، جنهن ۾ درخواست گذارن سرڪاري کاتن ۾ مقرري لاءِ درخواستون ڏنيون هيون، درخواست گذارن ۾ سيد عبدالصمد جعفري ورڪس اينڊ سروسز کاتي ۾ نائب قاصد، محمد ابتهاج ڪمال تعليم کاتي ۾ جونيئر ڪلارڪ، شيخ محمد ارسلان غني تعليم کاتي ۾ نائب قاصد، جڏهن ته محمد افراهيم ۽ جليس الرحمان تعليم کاتي ۾ جونيئر ڪلارڪ جي پوسٽن لاءِ درخواستون ڏنيون هيون، سرڪاري وڪيل موقف اختيار ڪيو ته سپريم ڪورٽ جي فيصلي کان پوءِ فوتي ڪوٽا تحت نوڪريون نٿيون ڏئي سگهجن، جنهن تي عدالت ريمارڪس ڏنا ته سپريم ڪورٽ جو فيصلو ماضي تي لاڳو نٿو ٿئي، عدالت چيو ته سرڪاري ملازم جي وفات کان پوءِ سندس گهرڀاتين کي فوري طور نوڪري جو حق ملي وڃي ٿو، جڏهن ته اپائنٽمينٽ ليٽر جاري ڪرڻ رڳو انتظامي عمل آهي.