ڪراچي (پ ر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ، ڪشمور ضلعي جي ڪرم پور ٿاڻي جي حد ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ شاگرد محميد بجاراڻي جي قتل جي واقعي جي سخت مذمت ڪندي آءِ جي سنڌ پوليس جاويد عالم اوڍو کان گھر ڪئي آهي ته واقعي جو نوٽيس وٺي ملوث اهلڪارن کي عبرتناڪ سز ڏني وڃي، پوليس کاتي ۾ موجود ڪجهه ڪاريون رڍون عوام جي حفاظت ڪرڻ بدران نه رڳو پوليس کي بدنام ڪري رهيون آهن پر جعلي پوليس مقابلن توڙي ڪرائي جي قاتلن جو ڪردار ادا ڪندي عوام جي اعتماد کي به ڪمزور ڪري رهيون آهن، پئسن لاءِ جعلي پوليس مقابلن ۾ بيگناهه ماڻهن کي مارڻ سنڌ ۾ معمول بڻجي رهيو آهي. ملڪ جو ڪهڙو قانون بنا وردي ۽ خانگي گاڏي ۾ گشت ڪري عام ماڻهن کي ڦرڻ ۽ قتل ڪرڻ جي اجازت ڏئي ٿو؟ ماڻهن جي حفاظت ڪرڻ بدران، سنڌ پوليس تي ڪراچي کان ڪشمور تائين معصوم نوجوانن کي مارڻ کان وٺي منشيات فروشن جي مدد ڪرڻ ۽ ڌاڙيل راڄ کي تحفظ ڏيڻ جا الزام آھن.