غربت، زيورن جو وڪرو ۽ گردواري ۾ رهڻ باوجود سي ايس ايس ۾ هندو نوجوانن جي ڪاميابي

ڪراچي (عوامي آواز نيوز) غربت، زيورن جو وڪرو ۽ گردوارا ۾ رهڻ باوجود سي ايس ايس ۾ هندو نوجوانن جي ڪاميابي، اقليتي برادري سان تعلق رکندڙ جيون ريٻاري ۽ کيم چند جنڊوڙا ملڪ لاءِ مثال بڻجي ويا، هن سال سي ايس ايس امتحان ۾ هندو برادري سان تعلق رکندڙ ٻه نوجوان، جيون ريٻاري ۽ کيم چند جنڊوڙا، پنهنجي محنت ۽ جدوجهد سان ڪاميابي حاصل ڪري ملڪ لاءِ هڪ مثال قائم ڪري ورتو، رپورٽ موجب هن سال سڄي ملڪ مان 12 هزار 792 اميدوارن سي ايس ايس جو امتحان ڏنو، جن مان صرف 355 اميدوار ڪامياب ٿي سگهيا، جڏهن ته سرڪاري ڪوٽا ۽ نوڪرين جي بنياد تي صرف 170 اميدوارن کي مختلف گروپن لاءِ چونڊيو ويو، انهن ڪامياب اميدوارن ۾ هندو برادري سان تعلق رکندڙ ٻه نوجوان به شامل آهن، جن جون  ڪهاڻيون انتهائي ڏکين حالتن باوجود ڪاميابي جي علامت بڻجي سامهون آيون، ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته کيم چند جنڊوڙا جو تعلق هڪ اهڙي برادري سان آهي، جيڪا تاريخي طور محنت مزدوري سان جڙيل رهي آهي سندس تعليم لاءِ وڏي قربانيون ڏنيون ويون، جتي ماءُ پنهنجا زيور وڪرو ڪيا ۽ والد تعليم جاري رکڻ لاءِ قرض کڻڻ تي مجبور ٿيو، کيم چند سرڪاري تعليمي ادارن مان پڙهائي مڪمل ڪئي ۽ ماسٽرز لاءِ گورنمينٽ ڪاليج يونيورسٽي لاهور ۾ داخل ٿيو، ٻئي پاسي جيون ريٻاري جو تعلق بدين ضلعي جي نندو شهر سان آهي، جيڪو ننڍپڻ ۾ مالي تنگي سبب سخت حالتن مان گذريو، تعليم دوران خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ هن گردوارا ۾ رهائش اختيار ڪئي، جتي هن کي لنگر ذريعي کاڌو ۽ رهائش ملي، ٻنهي نوجوانن سي ايس ايس جي سخت مقابلي واري امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي، جيون ريٻاري اڳ ۾ به امتحانن ۾ ڪامياب ٿي چڪو ۽ هن پوليس سروس آف پاڪستان ۾ پنهنجو مقصد رکيو آهي، جڏهن ته کيم چند به پوليس گروپ ۾ وڃڻ جو خواب رکي ٿو، جيون ريٻاري چيو ته هو اقليتي برادري مان آهي ۽ چاهي ٿو ته پوليس ۾ اچي عوام جي خدمت ڪري ۽ انصاف جي فراهمي ۾ ڪردار ادا ڪري، هن چيو ته سندس والد به امن امان جي بهتر صورتحال ڏسي کيس هن شعبي ڏانهن موڪليو، کيم چند چيو ته هن جو مقصد صرف نوڪري حاصل ڪرڻ نه هو پر پنهنجي برادري لاءِ هڪ مثال قائم ڪرڻ هو، هن ٻڌايو ته تعليم دوران هو لائبريرين ۾ رهي پڙهائي ڪندو هو ۽ گهر وارن کان به وقت جي بچت لاءِ لائبريري ۾ ئي کاڌو موڪلڻ جي ضد ڪندو هو، هن ڪاميابي جي خبر تي کيم چند جي گهر ۾ خوشي سان گڏ ڏک جو ماحول به هو، ڇو ته سندس والد هن ڪاميابي کي ڏسڻ کان اڳ وفات ڪري چڪو هو، هن چيو ته سندس ماءُ ۽ ڀاءُ سندس اصل حوصلا آهن جن هن کي هر قدم تي سهارو ڏنو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.