عمران جي آزادي لاءِ جلسن جو اعلان، طاقت جو سرچشمو پارليامينٽ هئڻ گهرجي:اچڪزئي

لاهور(بيورو)پي ٽي آءِ ۽ تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان عمران خان جي آزادي لاءِ جلسن ۽ جلوسن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود اچڪزئي، پي ٽي آءِ جي سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا،اسد قيصر،لطيف کوسي،عمرا ڊار،عمار علي جان ايس يو پي جي سيد زين شاهه لاهور ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي۔ان موقعي تي محمود خان اچڪزئي چيو ته اسان جي ڪنهن سان به دشمني ناهي، اسان جهڳڙي وارا ماڻهو ناهيون۔ اسان چاهيون ٿا ته پاڪستان ۾ چونڊيل پارليامينٽ هجي، طاقت جو سرچشمو پارليامينٽ هجي ۽ فيصلا چونڊيل پارليامينٽ ڪري، پر هتي اڄ وفاداريون نه وڪڻندڙن کي غدار چيو پيو وڃي۔هن چيو ته نوازشريف،  شهبازشريف، آصف علي زرداري ۽ عمران خان وڏا ماڻهو هوندا، پر سڀ کان وڏو پاڪستان آهي۔ اسان فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ته گهٽي گهٽي وينداسين۔ ادارن کي چئون ٿا ته سياست اوهان جو ڪم ناهي۔ “مائنس عمران خان” وارو ماحول ٺاهيو پيو وڃي ۽ اهڙي هر ڪوشش جي تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان مزاحمت ڪندي۔ اوهان ڪنهن کي مائنس ڪرڻ وارا ڪير آهيو؟ اسان جلسا ڪنداسين، جلوس ڪڍنداسين ۽ پرامن رهنداسين، پر جيڪڏهن اسان جو رستو روڪيو ويو ته ياد رکو فوج ۽ عوام جي ويڙهه ۾ عوام کٽي ويندي۔ سلمان اڪرم راجا چيو ته سياست جو واحد محور اهو آهي ته اسان عمران خان سان گڏ بيٺا آهيون۔ اسان آخري ساهه تائين عمران خان سان وفاداري نڀائينداسين، ڇو ته اڄ پاڪستاني قوم عمران خان سان گڏ بيٺي آهي۔ اسد قيصر چيو ته اسان جي جدوجهد پرامن هوندي ۽ جدوجهد ڪرڻ اسان جو آئيني حق آهي۔ پنجاب ۾ هارين جو استحصال ٿي رهيو آهي، اسان هارين سان گڏ آهيون، هاري تنظيمن وٽ وينداسين، انهن کي پاڻ سان شامل ڪنداسين ۽ هارين سان گڏجي تحريڪ هلائينداسين۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.