سنڌڙي ڀرسان هفتي اندر 2 عورتون ڪارنهن الزام هيٺ قتل

ميرپورخاص/ سنڌڙي (رپورٽ: غفار رند/ ڪاشف علي شر) سنڌڙي پوليس اسٽيشن جي حدن اندر غيرت جي نالي تي قتل جا ٻه افسوسناڪ واقعا سامهون آيا جتي هڪ هفتي اندر ٻن عورتن کي مبينا طور ” ڪارو ڪاري“ جي الزام هيٺ قتل ڪيو ويو، پوليس موجب ڳوٺ ڪريم بخش شر ۾ جوابدار نثار شر پنهنجي 20 ورهين جي زال نازيه شر کي فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مقتولا جي لاش کي بغير ڪفن، غسل ۽ جنازي نماز جي دفنايو ويو، ذريعن موجب واقعي ۾ ”ڪارو“ قرار ڏنل هڪ نوجوان کي به مبينا طور اغوا ڪيو ويو جنهن جو اڃا تائين ڪو پتو نه پئجي سگهيو ۽ سندس جان کي سخت خطرو ٻڌايو ويو، پوليس نازيه شر جي قتل جو ڪيس سرڪاري فرياد تي داخل ڪري جوابدار نثار شر کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته سردار ذوالفقار شر جي سڳي سئوٽ نثار شر مٿان نوجوان نياڻي نازيا جي قتل جو سرڪار جي فرياد تي ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي، ذريعن موجب واقعي بعد سرداري نظام جي اثر سبب مقتولا جي وارثن پاران پوليس سان آخر تائين رابطو نه ڪيو ويو، جنهن ڪري حد پوليس پاڻ مرادو قتل جي نوعيت کي نظر ۾ رکندي سنڌڙي ٿاڻي تي سرڪار جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، ٻئي طرف ٻه ڏينهن اڳ پڻ ساڳئي ٿاڻي جي حدن اندر هڪ ٻيو واقعو پيش آيو، جتي جوابدار محمد خان سولنگي مبينا طور پنهنجي زال بينظير سولنگي کي ڪارو ڪاري جي الزام ۾ قتل ڪري ڇڏيو، پوليس جوابدار کي گرفتار ڪري مقامي عدالت مان ٻن ڏينهن جو جسماني ريمانڊ حاصل ڪري ورتو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.