ايس پي نسيم آرا پنهور جي پٽ خُبيب جي ضمانت منظور

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي جي ڊفينس واري علائقي فيز 7 ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران پوليس اهلڪارن سان بدتميزي جي الزام ۾ گرفتار ايس پي نسيم آرا پنهور جي پٽ کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو ويو، پوليس موجب جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ عدالت ۾ پيش  ٿيڻو پوندو، ٻه ڏينهن اڳ ڊفينس ۾ اسنيپ چيڪنگ دوران جعلي نمبر پليٽ لڳل گاڏي روڪڻ تي مبينه طور جوابدار طرفان پوليس سان بدڪلامي ڪئي وئي، پوليس موجب  جوابدار نه صرف اهلڪارن سان ٽڪراءُ ڪيو پر پوليس اهلڪارن کي گاريون به ڏنيون، جڏهن ته عدالت جاچ آفيسر جي رمانڊ واري درخواست رد ڪندي جوابدار خبيب جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري کيس آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، عدالت جوابدار کي 50 هزار جا ضمانتي مچلڪا جمع ڪرائڻ عيوض آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سوشل ميڊيا تي پهريان نوجوان جي وڊيو وائرل ٿي ۽ ان کان پوءِ هن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته ٻي وڊيو جاري ٿيڻ کان پوءِ سوشل ميڊيا تي پوليس اهلڪارن کي ذميوار قرار ڏنو ويو، ٻي وڊيو ۾ سب انسپيڪٽر نوجوان تي تنزيه انداز ۾ اڙي ڙي ڪري کيس مخاطب ٿي رهيو هو، سوشل ميڊيا واهپيدارن جو چوڻ آهي ته پوليس آفيسر کي معطل ڪري کيس سخت کان سخت سزا ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.