اسلام آباد(بيورو)اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس محمد سرفراز ڊوگر عدليه جي وقار ۽ انصافي نظام جي ساک بابت اهم فيصلو جاري ڪيو آهي۔ اهو فيصلوثنا يوسف قتل ڪيس جي ٽرائل جج تي بي اعتمادي ۽ ڪيس منتقلي بابت داخل درخواست تي ٻڌايو ويو، جنهن ۾ عدالت ججن خلاف بي بنياد الزامن جي حوصلا شڪني ڪئي آهي۔تفصيل موجب عدالت ثناءِ يوسف قتل ڪيس جي ٽرائل ڪندڙ جج تي بي اعتمادي واري درخواست رد ڪندي ڪيس ٻي عدالت منتقل ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو۔ چيف جسٽس سردار محمد سرفراز ڊوگر پنهنجي فيصلي ۾ قرار ڏنو ته ڪنهن به جج جي فيصلي يا حڪم سان اختلاف جي صورت ۾ قانوني فورم موجود آهن، پر رڳو مخالف فيصلي جي بنياد تي جج جي نيت يا ايمانداري تي آڱر نٿي کڻي سگهجي۔هن پنهنجي فيصلي ۾ واضح ڪيو ته جيڪڏهن ڪو عدالتي حڪم ڪنهن ڌر خلاف اچي ٿو ته ان جي جاچ لاءِ قانون اپيل ۽ نظرثاني جهڙا رستا فراهم ڪري ٿوفيصلي ۾ چيو ويو ته جيڪڏهن رڳو ناپسنديده فيصلن جي بنياد تي ججن کي تبديل ڪرڻ شروع ڪيو ويو ته ان سان نه رڳو ڪيسن ۾ غير ضروري دير ٿيندي، پر عدالتي نظام تي دٻاءُ وڌندو ۽ ججن لاءِ آزاداڻي نموني پنهنجا فرض انجام ڏيڻ به مشڪل ٿي ويندو۔