اسلام آباد(فخر دراني+زاهد گشڪوري + مزمل سهروردي)ڪانسٽيٽيوشن اوينيو ۾ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان،شاندانا گلزار،ڪشمالا طارق،خواجا آصف،اڳوڻي نيول چيف آصف سنديلا،رٽائرڊ جنرل احسن اظهر حيات،اڳوڻي پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير،اڳوڻي دفاع واري وزير احمد مختار،وفاقي وزير ڄام ڪمال،اڳوڻي چيف جسٽس ناصر الملڪ،لاهور هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي چيف جسٽس افتخار حسين چوڌري،سينئر صحافي ابصار عالم،پي سي بي جي اڳوڻي چيئرمين احسان ماني جا فليٽ آهن،جڏهن ته وزيراعظم پاران ان معاملي تي ڪميٽي جوڙڻ تي ماڻهو سوال اٿاري رهيا آهن،وزيراعظم هائوس جي پويان بري امام ڀرسان غريب ماڻهن ڏهاڪن کان پنهنجا گهر ٺاهي رکيا هئا،هڪ ٻن ڏينهن جو نوٽيس ڏئي سمورا گهر ڊاٿا ويا،ان آپريشن ۾ جنهن به مزاحمت ڪئي ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وئي،ان معاملي تي وزيراعظم به خاموش هو،ميڊيا به خاموش رهي،هن معاملي ۾ پاڪستان جي امير طبقن جي مفادن کي ڇيهو پهتو آهي ته سڀني طرفن کان آواز اچڻ شروع ٿي ويا آهن،غريب ۽ امير جو پاڪستان بلڪل مختلف آهي،امير جي گهر کي ٿورو نقصان پهچي ٿو ته قيامت اچي وڃي ٿي غريبن جا گهر ڊاهڻ تي سياستدان،سول سوسائٽي ۽ ميڊيا به خاموش رهي ٿي،ان المئي سبب ماڻهو باغي ٿي رهيا آهن،اهو چيو پيو وڃي ته پاڪستان ۾ جيئڻ جو حق رڳو اميرن کي آهي، ذريعن موجب تقريباً 17 پي ٽي آءِ جا اڳواڻ، 8 مسلم ليگ (ن) جا اڳواڻ، 7 پيپلز پارٽي جا اڳواڻ، هڪ رٽائرڊ ايڊمرل، هڪ رٽائرڊ جنرل، رٽائرڊ ۽ حاضر سروس ڊي آءِ جيز ۽ وفاقي سيڪريٽريز، دفاع وارو وزير، ڪجهه پارليامينٽ ميمبر/وزير صحافي، وڪيل، ڪاروباري شخصيتون ۽ 21 پرڏيهي شهري پڻ ڪانسٽيٽيوشن ون ٽوئن ٽاورز ۾ فليٽ حاصل ڪري چڪا آهن۔
ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو ۽ ڪچين آبادين جي ڀيٽ نه ڪريو:وفاقي وزير
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) وفاقي وزير طارق فضل چوڌري چيو آهي ته ڪانسٽيٽيوشن اوينيو ۽ اسلام آباد جي ڪچين آبادين ۾ ڪارروايون ٻئي الڳ معاملا آهن،ون ڪانسٽيٽوشن اوينيو بابت سي ڊي اي جو جيڪو موقف آهي ان جي اهميت آهي،ان جي مالڪي سي ڊي اي وٽ آهي،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته سي ڊي اي جائز طور هن ملڪيت جي مالڪ آهي،2005ع ۾ هڪ هوٽل جو پلاٽ نيلام ٿيو هو،ساڍا چار ارب ۾ وڪرو ٿيو جنهن گروپ اهو پلاٽ خريد ڪيو هو ان ادائگي به نه ڪئي هئي،ان کانپوءِ اهو ڪينسل ٿيو،هن چيو ته 2017ع ۾ سپريم ڪورٽ ۾ جڏهن ڪيس هليو ته عدالت حڪم ڏنو هو ته هاڻي توهان کي 17 ارب رپيا جمع ڪرائڻا آهن،ان گروپ اهي به جمع نه ڪرايا،ادائيگي جي حوالي سان ڊبل ڊيفالٽ ڪيو ويو،ٽيون ڊيفالٽ اهو ته پلاٽ هوٽل جو هو،اپارٽمينٽ جو نه هو،اپارٽمينٽ جو پلاٽ مهانگو هوندو آهي،هوٽل جو پلاٽ سي ڊي اي سستو نيلام ڪندي آهي،بلڊر ڪيڊر پاڻ ئي تبديل ڪري ڇڏيو،ان ڪنسورشيم اهي ٽي غيرقانوني عمل ڪيا هئا،ان ڪارروائي ۾ سي ڊي اي جو موقف بلڪل ٺيڪ آهي،هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته هوٽل جي جاءِ تي اپارٽمينٽ ٺاهڻ ۾ سي ڊي اي جي يقينن غفلت آهي،ان وقت ئي ايڪشن کڻڻ گهرجي ها،2016ع ۾ سي ڊي اي اهو پلاٽ ڪينسل ڪري ڇڏيو هو،اپارٽمينٽ ته 2012ع ۾ ئي وڪرو ٿي ويا هئا،هن چيو ته اهي معاملا پهرين اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پوءِ سپريم ڪورٽ ۾ التوا هيٺ رهيا،اسٽي ورتا ويا،وقتي طور تي رليف وٺي بلڊر فليٽن جو وڪرو جاري رکيو،هن چيو ته جڏهن عمارت جا ڪيس عدالتن ۾ هلي رهيا هئا ته 15-20 ڪروڙ رپين ۾ اپارٽمينٽ خريد ڪندڙن کي سوچڻ گهرجي ها،سپريم ڪورٽ جڏهن ريگيولرائزڊ ڪيو ته اهو به شرط رکيو هو ته 17 ارب رپيا جمع ڪرايا وڃن اهي به جمع نه ڪرايا ويا،سي ڊي اي جو ته ڪو به ڏوهه ناهي،هن چيو ته مسلم ڪالوني ۾ ٻين صوبن مان آيل ماڻهو هئا اها ڪچي آبادي غيرقانوني هئي،
اسلام آباد جون ڪچيون آباديون ڊاهڻ مهل ميڊيا ڪٿي هئي؟:سماجي ردعمل
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)صحافي حماد حسن ايڪس تي لکيو آهي ته ڪالهه کان خبرن ۾ گردش هيٺ رهندڙ ڪانسٽيٽيوشن اوينيو جي ان عمارت کي سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس(ر)اعجاز الاحسن ان ڪري ريگيولرائزڊ ڪيو هو ته ڇو ته هو ان تڪراري عمارت ٺاهيندڙ ڪمپني جو وڪيل رهيو هو،صحافي نصرت جاويد لکيو ته اسلام آباد جي اشرافيه چپ چاپ غريب آبادين جي ظالماڻي مسماري تي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اهو سڀ ڪجهه ’قانوني‘ آهي.پر جيئن ئي ساڳيو قانون ون ڪانسٽيٽيوشن ايونيو جي بلند عمارت تائين پهتو، ته اهو انهن لاءِ ناقابلِ برداشت بڻجي ويو.غريبن لاءِ قانون، ۽ اشرافيه لاءِ استثنا،سينئر صحافي حامد مير ٽوئيٽ ڪيو ته غريبن لاءِ قانون، ۽ امير طبقي لاءِ استثنا. بري امام وارو علائقو هن عمارت، جيڪا ڪانسٽيٽيوشن ون سڏجي ٿي، کان گهڻو پري ناهي.ته پوءِ عدالتون ڪيئن بري امام ۾ غريب ماڻهن جي پراڻن گهرن جي مسماري جي منظوري ڏئي سگهن ٿيون، ۽ ساڳئي وقت امير ماڻهن سان لاڳاپيل هڪ عمارت جي مسماري کي روڪي سگهن ٿيون؟اڳوڻي وفاقي وزير فواد حسين چوڌري لکيو ته چلو فرض ڪيو ته غلط ٿيو، پر سي ڊي اي جا سڀ ذميوار ان عرصي دوران ستل هئا؟ يا عمارت ٺهڻ جو انتظار ڪري رهيا هئا ته جڏهن ٺهي ته پوءِ قبضو ڪن؟هاڻي سي ڊي اي کان نه ته ايگزيڪيوٽو هائوس سنڀالجي ٿو، نه پارليامينٽ لاجز، نه وزيرن جي ڪالوني هن عمارت کي به ردي بڻائڻ کان سواءِ هو ٻيو ڇا ڪندا؟صحافي نعمت خان لکيو ته اسلام آباد جي شاهراهِ دستور تي واقع ڪانسٽيٽيوشن ٽاورز جو معاملو گذريل رات کان سوشل ميڊيا تي ڇانيل آهي. تقريباً هر وڏن صحافين ۽ انفلوئنسرز هن تي پنهنجو رايو ڏنو آهي، پر جڏهن اسلام آباد جي قديم ڳوٺ سيدپور سميت مسلم آباد، بري امام، علامه اقبال ڪالوني ۽ رمشا ڪالوني ۾ تجاوزات جي نالي تي ماڻهن کي بي دخل ڪيو ويو، تڏهن ڪيترن صحافين ۽ انفلوئنسرز ان معاملي کي اجاگر ڪيو يا ان تي ڳالهايو؟
محسن نقوي جو فيض حميد جهڙو ڪردار؟يورپي ملڪن جو احتجاج
اسلام آباد(ع آ نيوز)سينئر صحافي ابصار عالم چيو آهي ته اسلام آباد جي “ڪانسٽيٽيوشن ايونيو” واري “ٽريزن ٽاورز بلڊنگ” جو معاملو سامهون آيو آهي۔ شروع ۾ ئي چوان ٿو ته منهنجو اتي هڪ ڪمري جو اپارٽمينٽ آهي، جيڪو مون 2014-15 ۾ قسطن تي خريد ڪيو هو۔ گذريل رات اسلام آباد پوليس ۽ رينجرز گڏجي ان بلڊنگ تي ڇاپو هنيو، دروازا ٽوڙيا ويا، ۽ فيمليز کي ڪڍڻ لاءِ چيو ويو ته هاڻي توهان هتي نٿا رهي سگهو، ڇاڪاڻ ته عدالت جو فيصلو اچي چڪو آهي۔هاڻي سڄي ملڪ ۾ بحث هلي رهيو آهي ته اهو سڀ ڇو ٿيو ۽ ڪيئن ٿيو۔منهنجي ڄاڻ موجب هن سڄي معاملي جي پويان پاڪستان جو گهرو وزير محسن نقوي آهي۔ ڪيترن ماڻهن موجب اهو قدم غير آئيني ۽ غير قانوني هو، ڇو ته رينجرز ۽ پوليس کي استعمال ڪري هڪ بلڊنگ تي قبضو ڪيو ويو۔رينجرز آرمي ڪمانڊ جي ماتحت هوندي آهي، پر بيخبر طريقي سان ان کي استعمال ڪيو ويو، ۽ ڪجهه دير بعد انهن کي واپس گهرائي ورتو ويو، ڇاڪاڻ ته اهو غير قانوني عمل هو۔عدالتي آرڊر زباني ٻڌايو ويو هو، لکيل حڪم اڃا جاري نه ٿيو هو، پوءِ به ڪارروائي ڪئي وئي۔اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي حوالي سان به دٻاءُ جو تاثر ڏنو ويو آهي۔ ڊپلوميٽڪ رهائشي عمارتن ۾ اهڙي ڪارروائي ڇو ٿي؟ ڇو غير ملڪي سفارتخانا احتجاج ڪري رهيا آهن؟ هن چيو ته ان عمارت ۾ يورپ جا سفارتڪار به رهن ٿا، ۽ ڪيترن ملڪن احتجاج (ڊيمارچ) ڪيو آهي۔ ان سان پاڪستان جي عالمي ساک متاثر ٿي آهي۔منهنجي خيال ۾ اهو عمل به ساڳيو آهي جيئن اڳ “جنرل فيض” واري طرز تي ڪارروائي ڪئي ويندي هئي، جتي رينجرز، پوليس ۽ ايجنسين کي استعمال ڪيو ويندو هو۔ اهو ئي طريقو هتي به اختيار ڪيو ويو آهي۔پر تاريخ ٻڌائي ٿي ته اهڙا طريقا هميشه ناڪام ٿين ٿا۔هاڻي پاڪستان جي عالمي ساک متاثر ٿي رهي آهي، ڇو عدالتي نظام تي اثر وڌو پيو وڃي؟ ڇو اوورسيز پاڪستانين کي پريشان ڪيو پيو وڃي؟
غريب ۽ امير لاءِ الڳ الڳ پاڪستان؟:اشرافيه جي غيرقانوني رهائشي رٿائن کي ڇوٽ؟
اسلام آباد(امتياز گل) اسان کي “ٻه پاڪستان” نظر اچن ٿا. هڪ پاڪستان اميرن لاءِ آهي، سول ۽ ملٽري بيوروڪريسي لاءِ آهي، وڏن واپارين،صنعتڪارن لاءِ آهي، ۽ ٻيو پاڪستان عام ماڻهن لاءِ آهي.توهان “ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو ون” ٽاورز بابت ٻڌو هوندو، جنهن تي ٻه ڏينهن اڳ رات جو هڪ وڳي ڇاپو هنيو ويو ۽ سڀني رهواسين کي 24 ڪلاڪن ۾ عمارت خالي ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو، ۽ چيو ويو ته اها غيرقانوني عمارت آهي.هن عمارت ۾ اڳوڻا جنرل، بيوروڪريٽس، وڏا ڪاروباري ماڻهو، اڳوڻا جج (سپريم ڪورٽ ۽ هاءِ ڪورٽ جا) رهندا آهن. تازو عدالت ان عمارت جي ليز رد ڪئي، ڇو ته اصل مقصد هتي هڪ فائيو اسٽار هوٽل ٺاهڻ هو، پر هتي اپارٽمينٽ ٺاهيا ويا.جڏهن عدالت ليز رد ڪئي ته انتظاميا رات جي اونداهي ۾ پوليس موڪلي، دروازا کڙڪايا ويا ۽ ماڻهن کي ڪڍيو ويو.پر ٻئي ڏينهن وزيراعظم فورن نوٽيس ورتو، ۽ هاڻي ڪميٽي ٺهي وئي آهي. چيو ويو آهي ته سڀني ڌرين کي ٻڌبو، انصاف ڪيو ويندو.پر سوال اهو آهي ڇا اهڙو انصاف غريب کي به ملي ٿو؟ڇو ته ڪجهه هفتا اڳ بري امام ۽ سيدپور ۾ ساڳيا يا ان کان به وڌيڪ سخت منظر ڏٺا ويا. هزارين گهر ڊاهي پٽ ڪيا ويا، جيڪي 100 کان 150 سال پراڻا هئا. نه ڪا ڪميٽي ٺهي، نه ڪا سماعت ٿي، نه ڪا مهلت ملي. صرف بلڊوزر هليا. هڪ ئي شهر آهي، پر ٻه مختلف پاڪستان آهن.هڪ پاڪستان جتي طاقتور ماڻهن لاءِ وقت، ڪميٽيون ۽ نرم رويو آهي. ٻيو پاڪستان جتي غريب ماڻهو جهوپڙي ٺاهي يا ريڙهي لڳائي ته فوري طور آپريشن شروع ٿي وڃي ٿو.اسلام آباد ۾ سوين غيرقانوني مسجدون، اسڪول، ڪلينڪ ۽ اسپتالون آهن، پر انهن تي ڪڏهن به ڪا ڪارروائي نٿي ٿئي. پر ننڍن دڪاندارن تي جلدي ٽيڪس ۽ ڏنڊ لڳايا وڃن ٿا.پيٽرول ۽ بجلي جي قيمتن ۾ به وڏو فرق آهي. پاڪستان ۾ پيٽرول تقريباً 400 رپيا في ليٽر تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ٻين ملڪن ۾ اگهه تمام گهٽ آهي.حڪومت پنهنجون ناڪاميون ۽ پاليسيون عوام تي وجهي ٿي، ۽ امير طبقو محفوظ رهي ٿو.بجلي جي شعبي ۾ به ساڳيو حال آهي. پاڪستان هر مهيني لڳ ڀڳ 15 ملين ڊالر صرف قطر جي ايل اين جي ٽرمينلز کي ادا ڪري ٿو، ڀلي گئس اچي يا نه اچي.انهن معاهدن جي ڪري ملڪ تي وڏو مالي بار آهي، پر عام ماڻهو لوڊشيڊنگ برداشت ڪري ٿو.ملڪ ۾ اهڙا پاور پلانٽ موجود آهن جيڪي ڪوئلي تي هلن ٿا، پر انهن کي مڪمل استعمال ۾ نٿو آندو وڃي، جڏهن ته انهن کي به مڪمل ادائيگيون ڪيون وڃن ٿيون.ڪپيسٽي پيمنٽس جو نظام اهڙو آهي جو جيڪڏهن پلانٽ 70 سيڪڙو بجلي به پيدا ڪري، تڏهن به 100 سيڪڙو پيسا ڏنا وڃن ٿا.سوال اهو آهي ته ڇا هي نظام بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ ٺاهيو ويو هو يا صرف ڪمپنين کي پيسا ڏيڻ لاءِ؟غربت وڌي رهي آهي، تقريباً 44 سيڪڙو آبادي غربت هيٺ زندگي گذاري ٿي، پر ساڳئي وقت وڏا معاهدا ۽ ادائيگيون جاري آهن.سوال اهو به آهي ته نيپرا، پارليامينٽ، پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي ڇو خاموش آهي؟آخرڪار سوال اهو آهي ته ڇا انهن ماڻهن جو ڪڏهن احتساب ٿيندو جن پاڪستان جي توانائي شعبي کي اهڙي حالت تائين پهچايو؟
ڪانسٽيٽيوشن ايوينيو معاملي تي 17 آفيسرن خلاف چارج شيٽ
اسلام آباد/نيويارڪ(شهباز گل)ڪانسٽيٽيوشن اوينيو معاملي تي سترهن آفيسرن کي چارج شيٽ ڪيو پيو وڃي. انهن ۾ رٽائرڊ برگيڊيئرز، جج صاحبان، ڊائريڪٽرز ۽ ٻيا آفيسر شامل آهن. انهن تي الزام آهي ته گرينڊ حيات هوٽل واري زمين تي ڪانسٽيٽيوشن ايونيو تي هڪ اپارٽمينٽ بلڊنگ ٺاهڻ ۽ پوءِ ان کي وڪڻڻ جي اجازت غير قانوني طريقي سان ڏني هي هڪ وڏو اسڪينڊل آهي. رپورٽن مطابق وفاقي جاچ اداري جي ٽيم انهن سڀني آفيسرن کي چارج شيٽ ڪيو آهي. ان ۾ ٻه رٽائرڊ برگيڊيئرز، هڪ اڳوڻو چيئرمين سي ڊي اي، سي ڊي اي جا ست اعليٰ ڊائريڪٽر، هڪ جج ۽ يارنهن ٻيا ماڻهو شامل آهن.هي معاملو گرينڊ حيات هوٽل جي زمين تي شروع ٿيو هو، جتي بعد ۾ هوٽل بدران اپارٽمينٽ ٽاور ٺهي ويا. هن منصوبي تي 2017 ۾ به تفصيلي جاچ ٿي هئي، ۽ پوءِ ڪيترن طاقتور ماڻهن خلاف ڪيس داخل ٿيو هو. سي ڊي اي لائسنس به منسوخ ڪيو هو، جنهن کي بعد ۾ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو.ڪيس ۾ اڳوڻا فوجي عملدار به شامل رهيا آهن، ۽ ڪجهه رپورٽن مطابق هڪ اڳوڻو برگيڊيئر اسد منير به هن ڪيس سان ڳنڍيل هو، جنهن بعد ۾ خودڪشي ڪئي هئي. ان جا آخري خط به سامهون آيا هئا.هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر هي معاملو وفاقي جاچ اداري وٽ اچي ويو آهي، جڏهن ته 2017 واري رپورٽ به هاڻي پراڻي فائيلن ۾ پيل لڳي ٿي. عدالتن جا اڳوڻا فيصلا به عملي طور تي اثرائتا نظر نٿا اچن.تنقيد ڪندڙن مطابق جيڪڏهن واقعي احتساب ڪرڻو هو ته اهو ڪم سال 2017 ۾ ئي ٿي سگهي پيو، پر هاڻي هي معاملو رڳو هڪ ڏيکاءُ لڳي ٿو، جنهن مان ڪنهن نه ڪنهن کي فائدو ملڻو آهي، ۽ پوءِ معاملو ٻيهر دٻجي ويندو.هڪ ٻي خبر ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گڏيل عرب امارات مان ڪجهه پاڪستاني مزدورن کي نوڪري مان ڪڍيو ويو ۽ کين ٿوري وقت ۾ ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو ويو. ڪيترن کي صرف 48 ڪلاڪن جو وقت ڏنو ويو.رپورٽ ۾ آخر ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان کي پنهنجن پرڏيهي لاڳاپن خاص ڪري وچ اوڀر جي ملڪن سان محتاط ۽ حڪمت عملي سان هلڻ جي ضرورت آهي، ڇو ته لکين پاڪستاني اتي روزگار ڪن ٿا ۽ ملڪ جي معيشت جو وڏو دارومدار به انهن تي آهي.
20 سالن ۾ سي ڊي اي ڇو ننڊ پيل هئي؟ ڊاڪٽر نديم الحق
اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي ڪاموري ۽ معاشي ماهر ڊاڪٽر نديم الحق چيو آهي ته مان ون ڪانسٽيٽيوشن اوينيو ۾ ڪرائي تي رهندو آهيان. گذريل رات 1 وڳي مون کي اوچتو زور زور سان دروازو کڙڪائڻ تي جاڳ ٿي وئي. منهنجو پهريون خوف اهو هو ته چور آهن. پر ان جي بدران مون کي 50 هٿياربند پوليس اهلڪار مليا بدتميزي سان، جارحانه انداز ۾، ۽ واضح طور تي تيار ته جيڪڏهن اسان مزاحمت ڪيون ته اسان تي سختي ڪن،هن چيو ته نه ڪو ڪورٽ آرڊر ڏيکاريو ويو، نه ڪو دستاويز، نه ڪا وضاحت.صرف اهو چيو ويو ته “اڄ منجهند 12 وڳي تائين عمارت خالي ڪيو.”بعد ۾ مون کي خبر پئي ته هن آڌي رات واري ريڊ کي ڪنهن عدالت جي منظوري حاصل هئي. مون کي حيرت نه ٿي.هي پاڪستان جي “پروٽوڪول ڪورٽ” انصاف جو هڪ مثال آهي،هن چيو ته هي عمارت گذريل 20 سالن کان تڪرار ۾ رهي آهي. ان سڄي عرصي دوران سي ڊي ايجيڪو ريگيوليٽر آهي، سو سالن تائين سُتو رهيو جڏهن هي عمارت ٺهي، اپارٽمينٽ وڪرو ٿيا، ۽ سڀ ڪجهه هلندو رهيو. شايد سي ڊي اي جي به ان ۾ ملي ڀڳت جو شڪ آهي.ڪنهن به معقول جج کي گهٽ ۾ گهٽ سي ڊي اي کي غفلت جو ذميوار قرار ڏيڻ گهرجي ها.هن چيو ته دنيا ۾ ڪهڙو ڪورٽ آهي جيڪو آڌي رات 1 وڳي 50 هٿياربند ماڻهن کي اجازت ڏئي ته هو رهائشي عمارت تي حملو ڪن، ماڻهن جي ملڪيت ۽ ڪرائي جا حق بغير ڪنهن نوٽيس جي ختم ڪن؟اسان جا جج شايد معيشت يا اصل قانون کي نٿا سمجهن.هي اهو آهي جيڪو مان “ايليويٽ جسٽس” سڏيان ٿو،هن چيو ته اسان کي هن عدليه جي ضرورت ڇو آهي؟ اڻ پڙهيل پروٽوڪول جا شوقين جج جيڪي تخليق ٿيل قدر کي تباهه ڪرڻ ۾ جلدي ڪن ٿا ۽ اصل ذميوارن کي بچائين ٿا.ڇا اهو فيصلو قانوني به آهي؟۽ جيڪڏهن بي دخلي قانوني به هجي، ته ڇا اهو ايترو ظالمانه ۽ غير انساني انداز ۾ ٿيڻ ضروري هو؟هي انصاف نه آهي. هي عدالتي حڪم سان اثاثن جو قتل آهي.
ڪانسٽيٽيوشن ون اسڪينڊل وڏي ڪرپشن جو مثال آهي:حافظ نعيم
اسلام آباد (بيورو) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان الزام لڳايو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪانسٽيٽييوشن ون جي نالي سان وڏي ڪرپشن اسڪينڊل سامهون آيو آهي، پر وزيراعظم ان خلاف ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي، جڏهن ته ٻئي پاسي غريب ماڻهن جا گهر ڊاهيا پيا وڃن، اسلام آباد ۾ ميمبر سازي تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته جماعت اسلامي 50 لک ميمبرن جو هدف حاصل ڪندي ۽ 50 هزار ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون، پيٽرول جي هڪ ليٽر تي 157 رپيا ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي، جڏهن ته ڪيپسٽي پيمينٽس جي نالي تي قومي خزاني تي بار وڌو پيو وڃي، جنهن جو بار غريب عوام تي پوي ٿو، ڪانسٽيٽييوشن ون اسڪينڊل وڏي ڪرپشن جو مثال آهي، جڏهن ته بري امام ۽ ڪچي آبادين ۾ غريبن جا گهر ڊاهيا پيا وڃن، هڪ ملڪ ۾ ٻه نظام نٿا هلي سگهن ۽ حڪومت کي هڪجهڙو انصاف مهيا ڪرڻ گهرجي.