نيويارڪ(عوامي آواز نيوز)گڏي قومن ۾ چيني سفير چيو آهي ته آمريڪي ۽ چيني صدرن وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ آبنائي هرمز ۽ جنگبندي جا معاملا ايجنڊا ۾ سڀ کان مٿانهون هوندا۔هڪ بيان ۾ گڏيل قومن ۾ چيني سفير چيو ته ايران ـ آمريڪا جنگبندي ۽ آبنائي هرمز جي بندش جو معاملو اڳ ئي چين جي هنگامي ترجيحن ۾ شامل آهي، ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ آمريڪي صدرٽرمپ ۽ چيني صدرشي جن پنگ وچ ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ اهي ٻئي معاملا سرفهرست هوندا۔واضح رهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ شي جن پنگ وچ ۾ 14 ۽ 15 مئي 2026ع تي بيجنگ ۾ اهم ملاقات شيڊيول ٿيل آهي۔ ان ملاقات دوران ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپاري معاملن تي به خيال ونڊيا وڃڻ جو امڪان آهي،چيني نمائندي موجب چين ۽ آمريڪا جا لاڳاپا صرف آبنائي هرمز تائين محدود ناهن، بلڪه ٻنهي ملڪن ۽ انهن جي عوام جي مفاد ۾ آهن۔ هن چيو ته چين ۽ آمريڪا جا مضبوط ۽ پائيدار لاڳاپا سڄي دنيا لاءِ به فائديمند آهن، ۽ باهمي احترام، پرامن گڏيل وجود ۽ تعاون سان لاڳاپا اڳتي وڌي سگهن ٿا۔