وزيراعظم طرفان پي ايس ايل فائنل لاءِ بهترين انتظام يقيني بڻائڻ جي هدايت

لاهور (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف سان وفاقي گهرو وزير محسن نقوي ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سيڪيورٽي صورتحال ۽ امن امان جي  قدمن تي تفصيلي غور ڪيو ويو، ملاقات دوران وفاقي گهرو وزير محسن نقوي وزيراعظم کي ملڪ اندر موجود سيڪيورٽي صورتحال بابت آگاهه ڪيو ۽ ان سلسلي ۾ کنيل قدمن جي تفصيل پڻ پيش ڪئي، گهرو وزير پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي فائنل ميچ جي حوالي سان سيڪيورٽي ۽ ٻين انتظامن بابت به وزيراعظم کي بريفنگ ڏني ۽ تيارين جي مڪمل صورتحال کان آگاهه ڪيو، ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف پي ايس ايل فائنل لاءِ رانديگرن، شوقينن ۽ شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائڻ ۽ بهترين انتظامات ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.