اسلام آباد(عوامي آواز نيوز) سينئر صحافي افتخار شيرازي چيو آهي ته شهباز شريف حڪومت جي دعويٰ آهي ته سندن دور ۾ سڀ ڪجهه شفافيت سان ٿي رهيو آهي ۽ ڪرپشن بلڪل ختم ٿي وئي آهي، پر حيران ڪندڙ انڪشاف سامهون آيا آهن.مون هڪ اهم شخصيت سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته اهڙو هرگز ناهي ته موجوده حڪومت ۾ سڀ ڪجهه ٺيڪ آهي. تحقيقات شروع ٿي چڪي آهي ۽ ڪجهه اهم عهدن تي ويٺل شخصيتون به ان جي وڪڙ ۾ اچي سگهن ٿيون. ايندڙ وقت ۾ وڏا نالا ڪرپشن ڪيسن ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا ۽ انهن خلاف ريفرنس به داخل ٿي سگهن ٿا.هن چيو ته منهنجي ملاقات اڳوڻي چيئرمين نيب ليفٽيننٽ جنرل (ر) نذير بٽ سان ٿي. هن ملاقات ۾ هن ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف هلندڙ مهم بابت تفصيل ڏنا. هن چيو ته چار صوبا جيڪي سرڪاري زمينون آهن، انهن تي اربين رپين جي زمين قبضا مافيا کان واپس وٺي رياست جي حوالي ڪئي وئي آهي.بلوچستان بابت هن چيو ته اتي ته ماڻهن کي اهو به خبر نه هئي ته سندن هڪ ٻيٽ به موجود آهي، جيڪو هاڻي معلوم ٿيو آهي ته پاڪستان جي ملڪيت آهي ۽ ان کي واپس ورتو ويو آهي.هن آءِ ايم ايف تي به تنقيد ڪئي ۽ چيو ته جڏهن حڪومت اهڙن ادارن کي اجازت ڏئي ٿي ته ملڪ ۾ اچي ڪرپشن جي جاچ ڪن، ته پوءِ اهي پاڪستان کي بدنام ڪن ٿا. هن چيو ته آءِ ايم ايف جي رپورٽ ۾ جيڪي انگ اکر ڏنا وڃن ٿا ته پاڪستان ۾ هزارين ارب رپين جي ڪرپشن ٿي آهي، اهي مبالغو ۽ غلط آهن.ساڳي طرح هن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل بابت به چيو ته انهن جون رپورٽون به گهڻو ڪري مغربي ملڪن جي مفادن مطابق هونديون آهن، ۽ پاڪستان يا ٻين مخالف ملڪن کي بدنام ڪرڻ لاءِ استعمال ٿينديون آهن.پر هن اهو به چيو ته اها ڳالهه به درست ناهي ته ملڪ ۾ ڪرپشن بلڪل ختم ٿي وئي آهي. موجوده حڪومت سان نرمي بابت تاثر ۾ ڪنهن حد تائين سچائي آهي،هن اعتراف ڪيو ته تحقيقات شروع ٿي چڪي آهي ۽ ڪيترن شعبن جهڙوڪ زراعت، خريداري نظام، ۽ سرڪاري ٺيڪن ۾ جاچ جاري آهي.هن چيو ته ماضي ۾ نيب کي سياسي انتقام لاءِ به استعمال ڪيو ويو آهي. خاص طور تي اڳوڻي چيئرمين نيب جسٽس جاويد اقبال جي دور ۾ ڪيترن ڪيسن کي سياسي مقصدن لاءِ استعمال ڪيو ويو.انهيءَ دوران مختلف سياسي ڪيسن جو به ذڪر ڪيو ويو، جهڙوڪ عمران خان خلاف توشا خانه ۽ ٻين ڪيسن ۾ جاچ.هن چيو ته قانوني ترميمن سان نيب جا هٿ به ٻڌجي ويا آهن، ۽ هاڻي ڪيترائي معاملا ٻين ادارن ڏانهن منتقل ڪيا ويا آهن.هڪ اهم انڪشاف اهو به ڪيو ويو ته سنڌو درياهه مان سون ڪڍڻ جون سرگرميون جاري رهيون، جتي وڏيون مشينون استعمال ٿيون. اندازي مطابق هفتي ۾ اربين رپيا خرچ ٿيندا رهيا. هن چيو ته هڪ جيو لوجيڪل سروي رپورٽ جنهن ۾ سون جي ذخيرن جو ذڪر هو، اها به غائب ٿي وئي.هاڻي حڪومت ڪجهه قدم کڻي ان عمل کي روڪي ڇڏيو آهي، پر سوال اهو آهي ته ڇا حڪومت واقعي ان معاملي کي مڪمل طور سنجيدگي سان وٺندي يا نه.ريئل اسٽيٽ شعبي ۾ به نيون سڌارا آڻڻ جو ذڪر ٿيو آهي، جهڙوڪ ڪيش ۾ خريد وڪري تي پابندي، ۽ ڊيولپرز تي دير جي صورت ۾ ڏنڊ لڳندا،.آخر ۾ چيو ويو ته ايندڙ وقت ۾ حڪومت جي اهم شخصيتن خلاف وڌيڪ جاچون سامهون اچي سگهن ٿيون، ۽ ڪيترن وڏن نالن تي ريفرنس داخل ٿيڻ جا امڪان آهن.نيب جي موجوده عملدارن به تصديق ڪئي آهي ته حڪومت خلاف تحقيقات جاري آهي.