ڪراچي (ويب ڊيسڪ) رويت هلال ريسرچ ڪائونسل طرفان پاڪستان ۾ عيدالاضحيٰ 27 مئي اربع ڏينهن ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي.
رويت هلال ريسرچ ڪائونسل جي سيڪريٽري جنرل خالد اعجاز مفتي موجب سائنسي انگن اکرن کي ڏسندي پاڪستان ۾ اربع 27 مئي تي عيدالاضحيٰ ملهائڻ جو چٽو امڪان آهي.
ڪائونسل موجب پاڪستان ۾ نئين چنڊ جي پيدائش 16 ۽ 17 مئي جي وچين رات پاڪستاني وقت موجب هڪ لڳي 15 منٽن تي ٿيندي، 17 مئي جي شام سج لٿي مهل چنڊ جي عمر پاڪستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ 18 ڪلاڪن کان ڪجهه وڌيڪ هوندي، جيڪا چنڊ ڏسڻ لاءِ موزون سمجهي ويندي آهي.
You might also like