لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 11 جي فرنچائز حيدرآباد ڪنگز مين جي فاسٽ بالر محمد علي تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ هنيو ويو آهي.
پي سي بي طرفان جاري ڪيل بيان موجب، محمد علي تي ليول ون جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي ميچ فيس جو 10 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
محمد علي اسلام آباد يونائيٽيڊ خلاف ٻئي ايليمنيٽر ۾ پي ايس ايل ظابطن جي ڀڃڪڙي ڪئي هئي.
محمد علي کي راند جي ساک کي نقصان پهچائڻ جو ڏوهي قرار ڏنو ويو هو، ميچ دوران 16 هين اوور ۾سندس اسلام آباد يونائيٽڊ جي بيٽر مارڪ چيپمين سان منهن ماري ٿي پئي هئي.