اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گذريل رات تيل اگهن ۾ تبديلي کانپوءِ هڪ ليٽر پيٽرول ۽ ڊيزل تي لاڳو ٽيڪسن جا تفصيل سامهون اچي ويا. توانائي واري وزارت جي ذريعن موجب هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 32 سيڪڙو ٽيڪس آهن، هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 129 رپيا 72 پيسا جا ٽيڪس شامل آهن، جڏهن ته في ليٽر پيٽرول ۾ 23 رپيا 72 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي به شامل آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته في ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 103 رپيا 50 پيسا ليوي شامل آهي، هڪ ليٽر پيٽرول جي قيمت ۾ 2 رپيا 50 پيسا ڪلائميٽ سپورٽ ليوي به شامل آهي. ذريعن موجب هڪ ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 21 سيڪڙو ٽيڪس شامل آهن، في ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 82 رپيا 81 پيسا ٽيڪسن جا آهن، جڏهن ته 51 رپيا 62 پيسا ڪسٽم ڊيوٽي لاڳو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته في ليٽر ڊيزل جي قيمت ۾ 28 رپيا 69 پيسا ليوي شامل آهي، جڏهن ته 2 رپيا 50 پيسا جي ڪلائميٽ سپورٽ ليوي به لاڳو آهي.
جماعت اسلامي جا پيٽرول اگهن ۾ واڌ ۽ مهانگائي خلاف سڄي سنڌ ۾ مظاهرا
ڪراچي (نمائندن وٽان/پ ر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان جي اپيل تي ڪراچي کان ڪشمور تائين سڄي سنڌ ۾ تيل اگھن ۾ ڪيل ظالماڻي واڌ ۽ حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، رپورٽن موجب جماعت اسلامي جي سري ھيٺ سنڌ جي مختلف شهرن، ڪراچي، حيدرآباد، دادو، لاڙڪاڻو، سانگهڙ، نوابشاهه، ٽنڊو الهيار، سکر، جيڪب آباد، خيرپور، سعيد آباد، ٽنڊو محمد خان، کڏڙو، شهدادڪوٽ، چمبڙ، ٽنڊو آدم، شڪارپور سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، سخت گرمي ۽ نٽهڻ اس جي باوجود شرڪت ڪندڙن مهانگائي ۽ حڪومت جي عوام دشمن فيصلن خلاف سخت نعريبازي ڪئي، پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ واپس وٺڻ ۽ مهانگائي تي ضابطو آڻڻ جو مطالبو ڪيو، احتجاجي مظاهرن کي مرڪزي اڳواڻ ممتاز حسين سهتو، صوبائي اڳواڻ حافظ نصرالله چنا، مولانا حزب الله جکرو، امداد الله بجاراڻي، محمد افضال، سيد علي مردان شاهه، زبير حفيظ شيخ، مولانا نور محمد ڪاڪا، سرور احمد قريشي، رفيق منصوري، محمد ابوبڪر سومرو، امتياز حسين سهتو، ديدار لاشاري، محمد موسيٰ ٻٻر، ڊاڪٽر محمود الاهي هڪڙو، مولانا صدرالدين مهر ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته حڪومت هڪ ڀيرو ٻيهر رات پيٽ ۾ پيٽرول قيمتون وڌائي عوام مٿان پيٽرول بم نه پر ايٽم بم ڪيرايو آهي، هنن مطالبو ڪيو آهي ته حڪمران آءِ ايم ايف جي مطالبن ۽ عوام دشمن فيصلن تي عمل ڪرڻ بدران پنهنجي عيش عشرت ۽ مفت خوري ختم ڪري عوام کي رليف فراهم ڪن. پيٽرول جي قيمتن ۾ واڌ مهانگائي جو هڪ نئون طوفان آڻيندي، جنهن جو سڄو بار عام ماڻهو جي کيسي تي پوندو جنهن جي ڪري عام ماڻهو لاءِ جيئڻ مشڪل ٿي ويندو. تنهن ڪري قيمتون وڌائڻ جو فيصلو واپس ورتو وڃي ۽ عوام کي عزت سان جيئڻ جو حق ڏنو وڃي. عوام جي اجتماعي جدوجهد ئي ڪرپٽ نظام ۽ نااهل قيادت کان نجات حاصل ڪرڻ جو واحد طريقو آهي. اڳواڻن زور ڏنو ته موجوده صورتحال ۾ خاموش رهڻ مسئلن کي وڌيڪ وڌائڻ جي برابر آهي، تنهن ڪري هر شهري کي پنهنجا حق حاصل ڪرڻ لاءِ ميدان ۾ نڪرڻ گهرجي ۽ منصفاڻي نظام جي قيام لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.
فارمولا تبديل ٿيڻ باوجود پيٽروليم شين جو بار عوام تي برقرار
اسلام آباد (بيورو) پاڪستان ۾ پيٽروليم شين جي قيمتن جي نظام ۾ تڪراري صورتحال سبب عوام تي مالي بار بدستور برقرار آهي، جيتوڻيڪ حڪومت قيمتن جي فارمولي ۾ نظرثاني ڪئي هئي، پر ريفائنريز کي غير معمولي منافعو حاصل ٿيڻ جو سلسلو جاري رهيو، مارچ ۽ اپريل 2026 جي انگن اکرن موجب ڊيزل جي عالمي قيمتن ۽ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ وڏو فرق سامهون آيو، هن فرق سبب ريفائنريز کي ”ونڊ فال منافعو“ حاصل ٿيو جنهن تي ريگيوليٽري نظام تي سوال اٿيا آهن، انگن موجب مارچ ۾ ڊيزل جي قيمت ۽ خام تيل جي فرق سبب تقريبن 60 ارب رپين جو اضافي منافعو ٿيو، ماهرن موجب قيمتن جو فرق وقت سر درست نه ڪرڻ سبب سڄو بار صارفين تي پيو، بعد ۾ حڪومت اپريل ۾ عارضي ”ڪاسٽ پلس“ فارمولو متعارف ڪرايو، ان باوجود ڊيزل جي قيمت ۾ مڪمل توازن نه اچي سگهيو ۽ تقريبن 30 رپيا في ليٽر اضافي بار برقرار رهيو، ريفائنريز کي وڌيڪ منافعو ملڻ جو خدشو اپريل جي انگن مان به ظاهر ٿيو، چار وڏين ريفائنريز جو ٽي ماهي منافعو 72.2 ارب رپيا رپورٽ ڪيو ويو، تجزيا نگارن موجب جيڪڏهن فارمولو وقت سر لاڳو ٿئي ها ته عوام کي وڌيڪ رليف ملي سگهي ها، مارڪيٽ ذريعن موجب ايندڙ ڏينهن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ وڌيڪ واڌ جو امڪان به موجود آهي ۽ مطالبو وڌي رهيو آهي ته قيمتن جو نظام ڪچي تيل جي عالمي بينچ مارڪس سان وڌيڪ هم آهنگ ڪيو وڃي.