ڪراچي گلستان جوهر ۾ گمبٽ واسي نوجوان قتل

گمبٽ (عوامي آواز نيوز) ڪراچي جي گلستان جوهر واري علائقي ۾ شيشا بار ۾ ٻن ڌرين جي جهيڙي دوران ڇڏائڻ آيل گمبٽ واسي نوجوان قتل ٿي ويو، گمبٽ ۾ نوجوان جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي، سوين آلين اکين سان مقتول جو مڙهه مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، ان سلسلي ۾ نوجوان جي تڏي تي موجود مقتول نوجوان جي ڀاءُ جو چوڻ هو ته شيشا بار ۾ ڪنهن ٻن ڌرين جو جهيڙو ٿيو هو، هو ڇڏائڻ ويو ته ان دوران چوڪيدار فائرنگ  ڪري اسان جي نوجوان کي ماري ڇڏيو، جهيڙي وارن کي ڇڏائڻ دوران ڪيفي بار جي مالڪ جي چوڻ تي گارڊ فائرنگ ڪري ڏني، اسان جي همراهه جي ڪنهن سان دشمني نه هئي، ريسٽورنٽ وارا جانائزي ڪري رهيا هئا ته ان دوران جهيڙي ۾ اسان جو همراهه ڇڏائڻ ويو هو، ڪراچي ۾ واقعي جي ايف آءِ آر ٿي آهي، ٽن ڄڻا گرفتار ٿيل آهن، حڪومت کان اپيل ڪيون ٿا ته اسان جي ڀاءُ جي خون سان انصاف ڪيو وڃي، جوابدارن کي ڦاهي ڏني وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.