اسلام آباد (بيورو) وفاقي آئيني عدالت سرداري نظام ۽ سڃاڻپ دستاويزن جي تصديق بابت اهم فيصلو جاري ڪري ڇڏيو، جسٽس عامر فاروق جي سربراهي ۾ ٻن رڪني بينچ 12 صفحن تي ٻڌل فيصلو جاري ڪيو، عدالت قرار ڏنو ته قبائلي سردارن کي شناختي ڪارڊ ۽ ڊوميسائل جي تصديق جو اختيار حاصل ناهي، فيصلي موجب سڃاڻپ دستاويز باقاعده قانون تحت جاري ڪيا ويندا آهن، عدالت چيو ته تصديق جو اختيار صرف قانون موجب مقرر ڪيل اختيارين وٽ هوندو آهي، ڪنهن به قبائلي سردار کي قانون کان هٽي ڪري اهڙو اختيار نٿو ڏئي سگهجي، فيصلي ۾ چيو ويو ته سرداري نظام 1976 ۾ ختم ٿي چڪو آهي ۽ ان جي ڪا قانوني حيثيت ناهي قبائلي روايتن کي عدالت طرفان قانوني حيثيت نٿي ڏئي سگهجي، عدالت وڌيڪ چيو ته درخواست ڏيندڙ متاثر ڌر ناهي، تنهن ڪري اپيل ٻڌڻ لائق ناهي، غلام علي نالي شخص پاڻ کي خروٽي قبيلي جو سردار ڄاڻائيندي اپيل داخل ڪئي هئي، درخواست موجب قبيلي جي ماڻهن لاءِ دستاويزن جي تصديق ڪرائڻ ڏکيو عمل بڻيل آهي، عدالت واضح ڪيو ته صرف متاثر شخص ئي عدالت سان رابطو ڪرڻ جو اهل هوندو آهي.